اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪ??ر عارف علوي عيدالفطر جي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ 90 ڏينهن جي گهٽتائي جي من??وري ڏئي ڇڏي. سزائن ۾ گهٽتائي جو اطلاق قتل، جاسوسي، رياست مخالف سرگرمين ۽ دهشتگردي سميت سنگين نوعيت جي ڏوهن ۾ سزايافته قيدين تي نه هوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جار?? پڌرائي موجب سزائن ۾ گهٽٽائي جو اطلاق زنا، چوري، ڦر، اغوا، مالي ڏوهن ۽ قومي خزاني کي نقصان پهچائيندڙ ڏوهارين تي به نه هوندو. پڌرائي موجب سزائن ۾ گهٽتائي جو اطلاق 65 سالن کان وڌيڪ عمر جي قيدين ۽ 60 سالن کان وڌيڪ عمر جي عورت قيدين تي هوندو جيڪي هڪ ڀاڱي ٽيون حصو قيد ڪاٽي چڪيون هجن. اهڙي طرح 18 سالن کان گهٽ عمر جا ماڻهو جيڪي پن??نجي هڪ ڀاڱي ٽي سزا ڪاٽي چڪا آهن انهن تي به سزا ۾ گهٽٽائي جو فيصلو لاڳو ٿيندو. صدر سزائن ۾ گهٽتائي جي من??وري آئين جي آرٽيڪل 45 تحت ڏني آهي.