گووا – 05 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڀارت کي ڳالهه ٻولهه لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻو پوندو، ڪشمير بابت ??اڪ??تان جي پاليسي ۾ ڪا تبديلي نه آئي آهي، ڀارت جي هڪطرفي قدم سان لاڳاپا متاثر ٿيا، ڀارت پنهنجي غيرقا??ون?? قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير بابت آگسٽ 2019ع ۾ هڪطرفو قدم کنيو جنهن سان مشڪلاتون پيدا ٿيون، ان قدم سان ڀارت گڏيل قومن جي قراردادن جي ??لا?? ورزي ڪئي. ڀارت جي شهر گووا ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ضروري آهي ته آگسٽ 2019ع جي هڪطرفي قدم کي ختم ڪيو وڃي، ??اڪ??تان جو ڪشمير بابت موقف واضح ۽ ٺوس آهي، ڪشمير بابت ??اڪ??تان جي پاليسي ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي. هن چيو ته اسان جو سدائين کان موقف رهيو آهي ته ڀارت سان معمول جا لاڳاپا هجڻ گهرجن، ڀارت جي غيرقا??ون?? قبضي هيٺ ڪشمير بابت ڀارت کي 4 آگسٽ 2019ع جي صورتحال تي واپس اچڻو پوندو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس جي موقعي تي هن تنظيم جي ميمبر پرڏيهي وزيرن سان جدا جدا ملاقاتون ڪيون. هن چيو ته ??اڪ??تان ۽ ڀارت جي عوام امن چاهي ٿي، ڀارت کي ڳالهه ٻولهه لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻو پوندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دهشتگردي جي ڪري ??اڪ??تان شديد متاثر ٿيو، ايس سي او کي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. پرڏيهي وزير چيو ته ??اڪ??تان پيپلزپارٽي سدائين ڀارت سان لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ جي وڪالت ڪئي پر ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ جي ڀارتي هڪطرفي قدم ماحول کي نقصان پهچايو. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطفي قدم سان نه رڳو عالمي قا??ون?? ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن پر ٻطرفن معاهدن جي پڻ ??لا?? ورزي ٿي آهي. هن چيو ته ڀارتي ??لا?? ورزي سان اعتماد جي کوٽ پيدا ٿي آهي ڇو ته ڀارت مستقبل ۾ به هڪطرفي طور تي ٻطرفن معاهدن جي ??لا?? ورزي ڪري سگهي ٿو. ڀارت جي غيرقا??ون?? قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جي 20 سربراهه اجلاس جي ميزباني جي ڀارتي فيصلي بابت سوال تي پرڏيهي وزير چيو ته اسان ان جي مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته ڀارت کي جلد خبر پوندي ته هو 110 سيڪڙو حاضري حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهندو ڇو ته ٻيا پنهنجي ا??لا??يات تي ٺاهه نه ڪندا. هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بنا ڪنهن فرق جي ڀارتي پرڏيهي وزير جئه شنڪر سمورن پرڏيهي وزيرن جو اهڙي طرح استقبال ڪيو جيڪو سنڌ ۽ ملتان جي انداز سان ملندڙ جلندڙ آهي. هن ميڊيا کي ٻڌايو ته 2026ع ۾ ??اڪ??تان سي ايف ايم جي سربراهي سنڀاليندو، اميد آهي ته ڀارت گڏيل سفارتي معاهدن جي بنياد تي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. هن چيو ته ڀارت ۽ ??اڪ??تان ۾ اڪثر ماڻهو امن سان رهڻ ۽ ترقي ڪرڻ چاهين ٿا. هن چيو ته اسان کي راندين کي سياست يا پرڏيهي پاليسي جو يرغمال بڻائڻ نه گهرجي. راندين جو مقصد اهو آهي ته توهان ان کي اهڙن مسئلن کان پري رکو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي چيئر طور پنهنجون ذميواريون نڀائڻ تي ڀارتي هم منصب کي ساراهيو. هن پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي انتظامي ۽ ثقافتي شو کي پڻ ساراهيو جنهن ۾ سمورن ميمبر ملڪن جي نمائندگي ڪئي وئي.