اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان جي ڊي اي جي قومي اسيمبلي ميمبر غوث بخش مهر وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مو??ب ملاقات ۾ سردار غوث بخش مهر وفاقي حڪومت جي سنڌ ۾ جاري ترقياتي ??نص??بن کي جلد مڪمل ڪرڻ جي لاءِ وزيراعظم جي خصوصي دلچسپي تي ان کي خراج تحسين ??يش ڪيو. هن 9 مئي جي افسوسناڪ واقعن جي مذمت ڪندي وزيراعظم جي ذميوارن کي سخت سزا جي حڪمن کي پڻ ساراهيو. ملاقات ۾ مو??وده ملڪي سياسي صورتحال تي پڻ ت??صيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.