اسلام آباد- 08 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آه?? ته وزيراعظم شهباز شريف سياست بدران رياست کي ترجيح ڏني ۽ ملڪ کي ڏيوالو ٿيڻ کان بچايو، نئين مالي س??ل دوران صنعتڪاري کي هٿي ڏني ويندي ۽ زراعت تي خاص توجهه ڏني ويندي، روانگي واپار ۾ آءِ ٽي جو شعبو اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آه??، محصولن جي نَون ذريعن ۽ وسيلن کي تلاش ڪيو ويندو. حڪومتي قدمن سان انشاءَ الله 3.5 سيڪڙو جي ڊي پي اؤسر حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين. حڪومت 5 ايز (ايڪسپورٽ، ايڪوئٽي، انرجي، امپاورمنٽ ۽ انوائرمينٽ) کي ترجيح ڏئي رهي آه??، حڪومت جي ترجيح آه?? ته معيشت مستحڪم ٿئي ۽ اؤسر جي بنياد پائيدار هجي، ٿري ايز کان پوءِ هاڻ 5 ايز پاليسيءَ تي آئينده جو روڊ ميپ بڻايو آه??. قومي اقتصادي س??وي مالي س??ل 23-2022ع جاري ڪرڻ جي موقعي تي وفاقي وزير احسن اقبال ۽ مملڪتي وزير ڊاڪٽر عائشه غوث پاشا سان پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته هن وقت ملڪ مشڪل وقت مان گذري رهيو آه??. گذڙيل ساڍن چئن سالن ۾ ملڪ جي 24هين وڏي معيشت کي 47هين معيشت بڻايو ويو. 18-2017ع ۾ پاڪستان جي گروپ 20 ۾ شموليت جون ڳالهيون جاري هيون، اسان جي بدقسمتي آه?? جو اسان جي معيشت هيٺ هلي وئي، ملڪ کي ٻيهر دنيا جي وڏين معيشتن ۾ آڻڻ هڪ وڏو چئلينج آه??، ان سان گڏوگڏ نه صرف پائيدار معاشي ترقي حاصل ڪرڻي آه?? بلڪ بيروني ادائگين کي به يقيني بڻائڻو آه??. انهن مشڪلن جو سمورن شراڪتدارن جي تعاون سان حل ڪڍنداسين. ناڻي واري وزير چيو ته اسان جي ٽيم مسلسل محنت ڪئي ۽ ڊگهي عرصي کانپوءِ ڪرنٽ اڪائونٽ کاتن جو خسارو نه صرف گهٽ ٿيو بلڪ هي فاضل ٿي ويو. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان جي معيشت ۾ استحڪام لاءِ قدمن جو سلسلو جاري رهندو، اسان جي معيشت ۾ گنجائش ۽ جان آه??، اسان کي اميد آه?? ته اسان 99ع ۽ 13ع وانگر ملڪ کي معاشي مشڪلاتن مان ڪڍي ترقيءَ جي راهه تي گامزن ڪنداسين. ناڻي واري وزير چيو ته بين الاقوامي مالياتي فنڊ سان سمورا فني معاملا مڪمل آه??، پاڪستان نائين جائزي تحت سمورا اڳواٽ قدم ڪري ورتا آه??، اسان ان پوزيشن ۾ آه??ون جو ملڪ کي ڏيوالي ٿيڻ جو ڪو خطرو ناهي، اسان جي اها به ڪوشش آه?? ته آءِ ايم ايف سان پروگرام کي مڪمل ڪيو وڃي، آءِ ايم ايف سان گذريل حڪومت جي واعدن کي پورو ڪرڻ لاءِ اسان مشڪل فيصلا ڪيا جنهن جي اسان سياسي قيمت به ادا ڪئي آه?? پر اسان جي لاءِ سياست کان رياست اهم آه??، اسان بجلي، توانائي ۽ ٻين شعبن ۾ سڌارن جا دليراڻه فيصلا ڪيا پر ان سان گڏوگڏ جامع ۽ پائيدار معيشت طرف اسان کي وڃڻو آه??، ان سان سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيندو. هن چيو ته 13ع ۾ اسان اسٽاڪ مارڪيٽن جو انضمام ڪيو جنهن سان 13ع کان 18ع دوران انڊيڪس 19 هزارن پوائنٽس کان وڌي 50 هزار پوائنٽس کان مٿي ويو، اسان جي مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن 100 ارب ڊالرن تائين وڌي وئي جيڪا ڊي ويلو ايشن ۽ گذريل حڪومت جي خراب ڪارڪردگي س??ن 25 ارب ڊالر تائين ڪِري پئي. هن چيو ته جن مشڪل حالتن ۾ اسان حڪومت سنڀالي ته معيشت جا سمورا اهڃاڻ زوال طرف وڃي رهيا هئا، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري جا کاتا ۽ واپاري خساري ۾ نمايان اضافو ٿيو، اسان جيڪڏهن حڪومت نه سنڀاليون ها ته خدانخواسته پاڪستان ڏيوالو ٿي وڃي ها، ڇاڪاڻ ته گذريل حڪومت جي آخري ٽه ماهيءَ ۾ مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ 6.4 ارب ڊالرن جي گهٽتائي اچي وئي هئي. ناڻي واري وزير چيو ته پروپيگنڊا تي توجهه ڏيڻ بدران اسان کي پنهنجي معيشت تي اعتماد ڪرڻ گهرجي، موجوده حڪومت معيشت ۾ زوال جي عمل کي روڪي ڇڏيو آه?? ۽ هاڻ اسان کي ان معيشت کي مٿي کڻي وڃڻو آه??. گذريل حڪومت جي ڊي پي جي اؤسر واري شرح 6 سيڪڙو ٻُڌائي رهي هئي پر حقيقت اها آه?? ته پهرين سال ڪاٽو اؤسر بعد بيس کي تبديل ڪيو ويو جنهن سان اهڃاڻن تي فرق پيو. 18ع ۾ مالي خسارو 5.7 سيڪڙو هو جيڪو گذريل حڪومت جي دؤر ۾ 7.9 سيڪڙو تي پهتو، حالانڪ اسان جي اڳوڻي حڪومت ضرب عضب ۽ ردالفساد جهڙا آپريشنز لاءِ مالي وسيلا به فراهم ڪيا هئا. گذريل حڪومت واپاري خسارو وڌائي ڇڏيو، پاليسي ريٽ کي 6.1 مان وڌائي 14 سيڪڙو تائين پهچايو ويو. اڳوڻي حڪومت جي دؤر ۾ سراسري ماهوار گردشي قرض 330 ارب رپيا هئا، اسان جي اڳوڻي حڪومت جي دؤر ۾ اهي 129 ارب رپيا ماهوار هئا، اڳوڻي حڪومت 2467 ارب رپين جو گردشي قرض ڇڏيو، اهڙيءَ طرح 18ع ۾ جي ڊي پي جي تناسب سان قرضن جو ڳاڻيٽو 18ع ۾ 3.7 سيڪڙو هو جيڪو پي ٽي آءِ حڪومت 13.9 سيڪڙو جي س??ح تي پهچايو. مجموعي طو?? تي ان قرض کي 25 هزار ارب رپين مان وڌائي 49 هزار ارب رپيا ڪيو ويو. اڳوڻي حڪومت جي دؤر ۾ قرضن ۾ مجموعي طور 97 سيڪڙو اضافو ٿيو. پاليسي ريٽ وڌائڻ سان به قرضن ۾ 7 هزار رپين جو اضافو ٿيو. ناڻي واري وزير چيو ته اڳوڻي حڪومت معيشت جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو آءِ ايم ايف سان ڪيل واعدن کي ٽوڙڻ جي صورت ۾ ٺوڪي ڇڏيو ۽ انهن قدمن سان بين الاقوامي ادارن ۾ پاڪستان جي س??ک متاثر ٿي. ناڻي واري وزير چيو ته گذريل هڪ سال ۾ عالمي س??ح تي جي ڊي پي جي شرح ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آه??، اهڙيءَ طرح عالمي س??ح تي مهانگائيءَ جي شرح ۾ 51 سيڪڙو اضافو ٿيو. عالمي واپار ۾ تقريبن 5 سيڪڙو گهٽتائي ٿي جنهن جي اثرن پاڪستان کي به متاثر ڪيو، ان سان گڏ گذريل سال تاريخ جي بدترين ٻوڏ پاڪستان کي تقريبن 30 ارب ڊالرن جو نقصان ڏنو. حڪومت ٻوڏ متاثر علائقن ۾ تعمير ۽ بحاليءَ لاءِ ڪم ڪري رهي آه??. شروعاتي طور چئن سالن ۾ 15 ارب ڊالرن جو ڪاٿو آه??، جنهن ۾ اڌ حصو پاڪستان جي حڪومت ۽ باقي فنڊز دوست ملڪن ۽ ٻه طرفي گهڻ رُخي شراڪتدار فراهم ڪيا. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت جاري مالي س??ل ۾ ڪفايت شعاري جا قدم کنيا، غير هدفي زرتلافين کي ختم ڪيو ويو، سمورن پرڏيهي بقايائن ۽ ذميدارين جي وقت تي ادائگيءَ کي يقيني بڻايو ويو. امپورٽ ۾ کاڌي پيتي جي شين ۽ دوائن کي ترجيح ڏني وئي، ان سان گڏوگڏ روانگي واپا?? تي به ڀرپور توجهه ڏنو ويو، الحمدلله ليٽر آف ڪريڊٽ جا 90 سيڪڙو مسئلا حل ٿي چڪا آه??. مانيٽرنگ پاليسيءَ کي س??ت ڪيو ويو آه??، پر ناڻي اؤسر جي تناظر ۾ اهو ڪرڻ ضروري هو. مان هميشه کان ڊي ويلو ايشن خلاف آه??ان ڇاڪاڻ ته رپئي جو قدر گهٽ ٿيڻ سان مهانگائيءَ ۾ اضافو ٿيندو آه??. ناڻي واري وزير چيو ته ميڊيا کي عوام ۾ آگاهي ڏيارڻ جي ضرورت آه?? گهٻرائڻ جي ضرورت ناهي ۽ نه ئي غير ضروري طو?? تي ڊالر ۽ سون خريدڻ گهرجي، بلوم برگ جي رپورٽ مطابق پاڪستان جو رپيو انڊر ويليو آه?? ۽ـ ان وقت به ڊالر جي مقابلي ۾ رپئي جي حقيقي قدر 244 رپين جي لڳ ڀڳ آه??. 40 کان 45 رپين تائين جو خلا مصنوعي آه??، اسان کي پنهنجي ملڪ جي مفاد کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آه??. ان مشڪل حالتن باوجود اسان ڪمرشل بئنڪن کي 5.5 ارب ڊالر ۽ بانڊز جي ميچيورٽي جي صورت ۾ هڪ ارب ڊالرن جي ادائگي ڪئي آه??. ڊسمبر جي ٽه ماهي ۾ پاڪستان جي قرضن ۾ 4 ملين ڊالرن جي ويجهو گهٽتائي ٿي هئي، اسان سمورن پرڏيهي ادائگين کي يقيني بنايو آه?? ۽ ملڪ ڊيفالٽ نه ٿيندو. ناڻي واري وزير چيو ته سماجي تحفظ ۽ معاشري جي معاشي طور ڪمزور طبقن کي رليف فراهم ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح آه??، حڪومت بي آءِ ايس پي جو بجيٽ 400 ارب رپين تائين وڌائي ڇڏيو آه??، ان سان گڏوگڏ فائدو حاصل ڪندڙن جي انگ ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آه??. رمضان پيڪيج تحت 75 ارب رپين جو رليف فراهم ڪيو ويو، ڪسان پيڪيج تحت 2 هزار ارب رپين جو اعلان ڪيو ويو جنهن مان 1750 ارب رپيا جاري ٿي چڪا آه??. ان سان ملڪ جي زرعي پيداوا?? تي مثبت اثر پيا آه??. حڪومت اسلامي فنانسنگ ۽ بئنڪاريءَ کي هٿي ڏيڻ ۾ به سنجيده آه??. اسلامي فنانسنگ جي تحت هڪ ۽ ٽن سالن جي مُدي جي اجاره جاري ڪئي وئي آه??. وفاقي شرعي عدالت جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۽ نيشنل بئنڪ جون اپيلون واپس ورتيون ويون. هن وقت ملڪ ۾ اسلامي بئنڪاري جو ڳاڻيٽو 21 سيڪڙو ٿي چڪو آه?? جنهن ۾ ايندڙ مهينن ۽ سالن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. ايران، افغانستان ۽ روس سان بارٽر واپار جي شروعات ڪئي وئي آه??، اسان واپار ۾ اضافو ٿيندو. وڌيڪ ملڪن سان به اهڙيءَ طرح جا معاهدا ٿيندا. ناڻي واري وزير چيو ته سمورن مشڪلاتن ۽ چئلينجن باوجود معاشي اهڃاڻن ۾ بهتري اچي رهي آه??. جاري مالي س??ل ۾ جي ڊي پي جي شرح اؤسر 0.29 سيڪڙو آه??، جڏهن ته مالي س??ل لاءِ هي هدف 3.5 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو آه??. جاري مالي س??ل ۾ زراعت ۽ خدمتن جي شعبن ۾ بهتري آئي آه??. جولاءِ کان مئي تائين صارفين لاءِ قيمتن جو اهڃاڻ 29.2 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو آه?? جڏهن ته ڪور انفليشن جي شرح شهري علائقن ۾ 16 سيڪڙو ۽ ٻهراڙي علائقن ۾ 20 سيڪڙو آه?? جنهن جي س??اسر 18 سيڪڙو بڻجي ٿي. ناڻي واري وزير چيو ته ايف بي آر جاري مالي س??ل دوران سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري آه??، امپورٽ ۾ گهٽتائيءَ باوجود جاري مالي س??ل جي پهرين 11 مهينن ۾ ايف بي آر 6210 ارب رپيا محصول گڏ ڪيا جيڪي گذريل مالي س??ل جي ان مُدي جي ڀيٽ ۾ 16 سيڪڙو وڌيڪ آه??. نئين مالي س??ل ۾ ايف بي آر ۾ سڌارا ۽ بهتريءَ جو عمل جاري رهندو، ٽيڪس جي بنياد ۾ واڌ ڪئي ويندي. 31 مارچ تائين ايف بي آر 7 لک نوان ٽيڪس ڏيندڙن جو هدف مقرر ڪيو هو جيڪو 9 لک 12392 تائين پهچي ويو آه??. پرائمري بيلنس ۾ بهتري آئي آه??. ڪرنٽ اڪائونٽ کاتن جي خساري ۾ 76 سيڪڙو تائين بهتري آئي آه??. گذريل سال ڪرنٽ اڪائونٽ کاتن جو خسارو 13.7 ارب ڊالر هو جيڪو جاري مالي س??ل جي پهرين 11 مهينن ۾ 3.2 ارب ڊالرن جي س??ح تي اچي ويو. مالي س??ل جي پهرين 11 مهينن ۾ امپورٽ 51.2 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو مالي س??ل جي ان مُدي دوران 72.3 ارب ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 29.2 سيڪڙو گهٽ آه??. روانگي واپار ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ گهٽتائي آئي آه??. ناڻي واري وزير چيو ته هن حڪومت اهي س??ت ۽ مشڪل فيصلا ڪيا جيڪي رياست لاءِ ضروري هئا، وزيراعظم محمد شهباز شريف کي هميشه تاريخ ۾ ياد رکيو ويندو جنهن سياست بدران رياست کي ترجيحي ڏني ۽ ملڪ کي ڏيوالو ٿيڻ کان بچايو. ناڻي واري وزير چيو ته نئين مالي س??ل دوران صنعتڪاريءَ کي هٿي ڏني ويندي، زراعت تي خاص ڌيان ڏنو ويندو، روانگي واپار ۾ آءِ ٽي جو شعبو اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آه??. اسان جي ڪوشش آه?? ته ان شعبي ۾ روانگي واپار کي 4 ارب ڊالرن جي س??ح تائين آندو وڃي، محصولن جا نَوان ذريعا ۽ وسيلا تلاش ڪيا ويندا، ان سان گڏوگڏ 1100 ارب رپين جي لڳ ڀڳ ترقياتي بجيٽ به ڏنو پيو وڃي، ماحول دوست توانائي به اسان جي ترجيح آه??. 2030ع تائين مجموعي توانائيءَ ۾ گرين انرجي جو حصو 30 سيڪڙو تائين وٺي وڃڻ جو هدف آه??، ان سان توانائيءَ جي بل ۾ 10 کان 15 سيڪڙو تائين بچت ٿيندي. انهن قدمن سان انشاءَ الله 3.5 سيڪڙو جي ڊي پي جي اؤسر حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين. هڪ سوال تي هن چيو ته اسان جي پوري ڪوشش هوندي ته سرڪاري ملازمن ۽ پينشنرن جي پگهارن ۾ گنجائش مطابق اضافو ڪيو وڃي. هن چيو ته ميثاقِ معيشت تي ڳالهيون چونڊن کان پوءِ ٿينديون.