اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير مريم اورنگزيب چيو آهي ته نئين پي ٽي وي اڪيڊمي اطلاعات واري وزارت جي تاريخ جو اهم سنگ ميل آهي، ميڊيا، براڊ ڪاسٽنگ، فلمز، اداڪاري، ٽريننگ ۽ صلاحيت سازي جي لاءِ عالمي معيار جي سينٽر آف ايڪس?? لينس جي شروعات ڪرڻ منهنجي مقصد جي عڪاسي ڪري ٿو، نئين ٺوس اڪيڊمي سڄي پاڪستان خاص طور تي ??وجوانن جي لاءِ پهچ جوڳي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي و??ير چيو ته پهرين فلم پاليسي جي حصي طور 13 مئي تي ??ن پي ٽي وي فلم انسٽيٽيوٽ جي شروعات ۽ انفارميشن سروس اڪيڊمي، پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان اڪيڊميز جي انضمام جو اعلان ڪيو هو جيڪو اطلاعات واري وزارت جي تاريخ جو هڪ اهم سنگ ميل آهي. هن چيو ته نئين ٺوس اڪيڊمي جو ٽيزر شيئر ڪندي مون کي خوشي ٿي رهي آهي. هن چيو ته آءِ ايس اي، پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان اڪيدميز جو انضمام ۽ ميڊيا، براڊ ڪاسٽنگ، فلمز، اداڪاري، ٽرننگ ۽ صلاحيت سازي جي لاءِ عالمي معيار جي سينٽر آف ايڪس?? لينس جي شروعات ڪرڻ منهنجي مقصد جي عڪاسي ڪري ٿو جيڪو سڄي پاڪستان خاص طور تي ??وجوانن جي لاءِ پهچ جوڳو آهي، اهو قدم منهنجي دل جي تمام ويجهو آهي. هن چيو ته پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان ۾ ميڊيا اوزارن ۽ سهولتن جو استعمال ڪندي اڪيڊمي جي مطالعاتي ??روگرامن سان گڏ عملي تربيت کي پڻ شامل ڪيو ويو، نئين ٺوس اڪيڊمي نه رڳو اطلاعات واري وزارت، پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان جي نئين ۽ موجوده ملازمن جي لاءِ اوپن رهندي پر سڄي پاڪستان جا شاگرد ۽ نوجوان اڪيڊمي جي سمر اسڪول سميت ڪورسز ۾ داخلا وٺي سگهندا. اطلاعات واري وفاقي و??ير اطلاعات واري وزارت، پي ٽي وي اڪيڊمي، ريديو پاڪستان جي ٽيمن ۽ ايم ڊي پي ٽي وي کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هن پي ٽي وي فلم انسٽيٽيوٽ جي شروعات جي لاءِ اڻٿڪ جدوجهد ڪئي. هن پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ونيزه احمد کي پڻ خراج تحسين پيش ڪيو جنهن مختصر وقت ۾ ان انضمام کي عملي جامعو پارائڻ سان گڏوگڏ مطالعاتي ??روگرام شروع ڪيو.