اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد ??يصر چيو آهي ته ڀارت فوجي گهيراءُ ذريعي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي آ??ادي جي تحريڪ کي دٻائڻ ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندو. هن چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ فوجي گهيراءُ ۽ غيرقانوني قدم سان ڀارت جي حڪومت خا?? طور ت?? مودي سرڪار جي استحصالي ۽ توسيع پسنداڻا ارادا دنيا ۾ بي نقاب ٿي ويا آهن. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪشمير استحصال جي ڏهاڙي ج?? موقعي تي جاري ٿيندڙ پنهنجي پيغام ۾ ڪيو جيڪو 5 آگسٽ تي سڄي ملڪ ۾ ملهايو پيو وڃي. هن چيو ته ملڪ جون سموريون سياسي پارٽيون ڪشمير جي مسئلي تي متفق آهن ۽ سڀني ڀارت جي 5 آگسٽ ج?? غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدم جي سخت مذمت ڪئي آهي. هن چيو ته ڀارتي حڪومت پاران ڀارتي آ??ين مان آرٽيڪل 35 اي ۽ 370 جي خا??مي ج?? غيرقانوني قدم جي باوجود ڀارت ڪشميرين جي آ??ادي جي تحريڪ کي دٻائڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. هن چيو ته ڪشميري عوام تي ڪيل ظلم ڀارت جي انتهاپسند حڪومت جي اصل ايجنڊا کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته مودي سرڪار جي توسيع پسنداڻي ۽ نفرت تي ٻڌل قدمن پوري خطي جي امن ۽ سلامتي کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي.