اسلام آباد – 24 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪس??ان غيرملڪي ڏاڍ ۾ رهندڙ سمورن ماڻهن جي لاءِ خودمختياري جي حق جي حمايت ڪري ٿو، عالمي برادري خاص طور تي سلامتي ڪائونسل پنهنجي اخلاقي، قانوني، سياسي ۽ سفارتي اٿارٽي کي استعمال ۾ آڻيندي ڄمون ۽ ڪشمير بابت سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪرائي، پاڪس??ان عالمي ام?? ۽ سلامتي برقرار رکڻ ۾ سڄي دنيا ۾ يو اين ام?? مشنز ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. هن اها ڳالهه گڏي?? قومن جي 75 هين سالگرهه جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چئي. هن چيو ته عالمي برادري گڏي?? قومن جي 75 هين سالگرهه ملهائي رهي آهي، 75 سال اڳ باني ميمبر ملڪن گڏجي ايندڙ نسلن کي جنگ جي لعنت کان بچائڻ جي لاءِ قاعدن تي ٻڌل عالمي نظام جوڙيو.