اسلام آباد – 24 آڪٽوبر (اي پي پي)پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان افغانستان سان پنهنجي تاريخي دوستي وارن ۽ ڀائپي وارن لاڳاپن ??ي وڏي اهميت ڏئي ٿو. افغانستان ۾ ڪو به گروهه اسان جو فيورٽ ناهي، اسان سڀني سان هڪجهڙي سلوڪ ۽ ورتاءَ جا حامي آهيون. اهڙو اظهار هن افغان وولسي جرڳي جي اسپيڪر مير رحمان رحماني جي قيادت ۾ افغان پ??رلياماني وفد سان پ??ڏيهي وزارت ۾ ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ٻه طرفن، پارلياماني، ملڪي لاڳاپن، گڏيل واپار ۽ خطي جي معاشي صورتحال تي ڳالهه ??ول??ه ڪئي وئي.