اسلام آباد – 06 – ما??چ (اي پي پي) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽ گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته وزيراعظم غريب جي لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي جڏهن ته غريب عوام ۽ پگهاردار طبقي جي ??ال?? بهتر بڻا??ڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي، جهڙي طرح وزيراعظم ختم نبوت جو جهنڊو بلند ڪيو آهي الله پاڪستان ۾ عم??ان خان جو جهنڊو بلند ڪندو. قومي اسيمبلي ۾ اعتماد جي قرارداد جي منطوري کانپوءِ ڳالهائيندي عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو ته ما??ي ۾ مون پنهنجي زندگي ۾ ڏٺو آهي ته ڏهه ڏه??، ٻارنهن ٻارنهن ماڻهن پوري نظام کي اپ سيٽ ڪيو. عم??ان خان تباهه حال معيشت کي جهڙي طرح سهارو ڏنو ۽ 20 ارب ڊالر جي خساري کي سرپلس ڪيو آهي ان جو ما??ي ۾ مثال نه ٿو ملي. هن چيو ته مون ما??ي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن سان گڏ ڪم ڪيو آهي پر انهن اهڙو ڪم نه ڪيو جهڙي طرح عم??ان خان ڪيو آهي. هن چيو ته اڍائي سال گذري ويا آهن، الله وزيراعظم کي نئين سياسي زندگي ڏني آهي. وزيراعظم غريب جي لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو. جڏهن ته غريب عوام جي ??ال?? بهتر بڻا??ڻ جي لاءِ ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي ڇو ته جاگيردار ۽ صنعتڪار ڪنهن جا ناهن هوندا.