اسلام آباد – 26 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته قانون ک?? گهربل عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ناپاڪ ڪوشش ڪري رهيا آهن، پنهنجي سياسي مفادن خاطر ڪجهه سياسي پارٽ??ون عوام کي قومي ادارن جي خلاف ڀڙڪائڻ جي غلطي ڪري ره??ون آهن. پنهنجي ٽ??ئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته قومي ادارا ڪنهن به ملڪ جي بقاءُ ۽ سلامتي جي بنياد جي حيثيت رکندا آهن.