اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف استاد، ڊراما نگار، مزاح نگار، دانشور، شاعر ۽ فيض احمد فيض جي ناٺيءَ شعيب ها??مي جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم منيزه ها??مي، سليمه ها??مي ۽ ٻين گهرڀاتين سان شعيب ها??مي جي لاڏاڻي تي همدرديءَ جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته شعيب ها??مي پي ٽي وي جي سنهري دور ۾ ڪردار ادا ڪيو. هن طنز ۽ مزاح جي پروگرام ۾ نئين جدت متعارف ڪرائي. شعيب ها??مي يادگار ۽ ناقابل فراموش ڊراما لکيا. وزيراعظم چيو ته ان جي قلم سان روشن قدرن، روايتن ۽ نظرين کي فروغ مليو. هن جهڙو قلم نگار ۽ دانشور معاشري کي تهذيب، سليقو ۽ ادب سيکاريو. ان جو لاڏاڻو معاشري، فن ۽ ادب جو وڏو نقصان آهي. وزيراعظم الله تعاليٰ کان مرح??م جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي.