لاهور – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان پلاسٽ?? جي آلودگي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پلاسٽ?? جي مرحليوار خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي، ايندڙ نسلن جي لاءِ صاف سٿرو ماحول فراهم ڪرڻ اسان جي بنيادي ذميواري آهي. ماحوليا?? جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان پلاسٽ?? جي آلودگي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پلاسٽ?? جي هڪ ڀيرو استعمال کانپوءِ ان جي خاتمي لاءِ عالمي برادري جي ڪوششن ۾ شامل ٿيڻ جي حوالي سان پنهنجي عزم جي تجديد ڪري ٿو. حڪومت پلاسٽ?? جي آلودگي جي خاتمي لاءِ قانوني طريقيڪار جوڙڻ جي حوالي سان قومي ۽ عالمي ڌرين سان فعال طور تي ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته خوشي جي ڳالهه آهي ته اس??ام آباد ۾ پلاسٽ?? جي استعمال جي منع بابت 2023ع جي ريگيوليشن تي ڪم ڪيو پيو وڃي ۽ ان ضابطي ??حت ٺوس فريم ورڪ ۾ پلاسٽ?? جي استعمال کي مرحليوار ختم ڪرڻ جي لاءِ مدي جو تعين ڪيو ويندو. هن چيو ته اڄ جي ڏينهن معاشري جا سمورا طبقا حياتياتي تنوع جي تحفظ جي لاءِ گڏ ٿين ۽ ري سائيڪلنگ جي قدمن کي ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ شعور اجاگر ڪن. هن چيو ته ايندڙ نسلن جي لاءِ صاف سٿرو ماحول فراهم ڪرڻ اسان جي بنيادي ذميواري آهي.