اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف معاشي چئلينجز جي باوجود غريب ۽ وچولي طبقي جي لاءِ بجيٽ ۾ خصوصي قدم ۽ وڌ کان وڌ عوامي ريليف فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڀاڻ تي سبسڊي سڌوسنئون آبادگارن ت??ئي?? پهچائڻ جي لاءِ ٺوس پلان تيار ڪيو وڃي، حڪومت مستحق آبادگارن جي ٽيوب ويلز کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ ۾ معاونت فراهم ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن غريب ۽ وچولي طبقي جي لاءِ بجيٽ ۾ ريليف بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن خواجه محمد آصف، اسحاق ڊار، احسن اقبال، وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، خاص معاون محمد جهازيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي جڏهن ته غربت جي خاتمي واري وفاقي وزير شازيه مري، خاص معاونين شزه فاطمه ۽ قيصر شيخ کانسواءِ جديد فارمنگ جي ماهر احمد عمير ۽ آءِ ٽي جي شعبي مان آصف پير وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڀاڻ تي سبسڊي سڌوسنئون آبادگارن ت??ئي?? پهچائڻ جي لاءِ هڪ ٺوس پلان جوڙي پيش ڪيو وڃي، پي??رو??يم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي اثرن کي عام ماڻهو ت??ئي?? پهچايو وڃي. وزيراعظم چيو ته حڪومت مستحق آبادگارن جي ٽيوب ويلز کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ ۾ معاونت فراهم ڪندي، ٽيوب ويلز جي سولرائيزيشن سان ٻارڻ جو درآمدي بل گهٽ ٿيندو ۽ آبادگارن جي في ايڪڙ پيداواري لاڳت گهٽ ٿيندي. هن چيو ته حڪومت عالمي منڊي ۾ قيمتون هيٺ ايندي ئي پي??رو??يم مصنوعات جي قيمتن ۾ فوري گهٽتائي ڪئي. هن هدايت ڪئي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو دائرو وڌائي مستحق ماڻهن جي شموليت يقيني بڻائي وڃي، يقيني بڻايو وڃي ته سڄي ملڪ ۾ ڪا به مستحق بيواهه بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ڊيٽا کان ٻاهر نه رهي. هن چيو ته مستحق شاگردن ۽ شاگردياڻين کي وظيفن سان اعليٰ تعليم ۽ پيشيواراڻي هنر سان ليس ڪيو ويندو، حڪومت ان مقصد جي لاءِ پاڪستان ايجوڪيشن انڊومنٽ فنڊ جو قيام يقيني بڻائي رهي آهي، اسان سد??ئي?? وانگر ملڪ جي نوجوانن کي تعليم، هنر، ليپ ٽاپس ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪندا رهنداسين، حڪومت نوجوانن کي عالمي معيار ۽ موجوده گهرجن موجب هنر فراهم ڪندي. هن چيو ته وزيراعظم يوٿ لون پروگرام جو دائرو وڌائي نوجوانن کي آسان شرطن تي قرض سان ڪاروبار ۾ سهولت فراهم ڪئي ويندي، نوجوانن کي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ سهولتون فراهم ڪري ملڪي آءِ ٽي روانگي واپار وڌايو ويندو، نوجوانن کي فري لانسنگ ۽ پيشيواراڻي تربيت سان ليس ڪري روزگار ڏيڻ ۾ سهولت فراهم ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته گذريل حڪومت جي چار سالا ڪاري دور ۾ نوجوانن ۾ نفرت ۽ انتشار جا جذبا، ڏنڊا ۽ پي??رو?? بم پڪڙايا ويا، اسان پ??هنجي نوجوان نسل جي صلاحيتن کي بهترين طريقي سان استعمال ۾ آڻي ملڪ ۽ قوم جي ترقي يقيني بڻ??ئي??داسين. هن چيو ته ننڍي ڪاروبار ۽ ننڍي پئماني جي صنعت جي ترقي جي لاءِ سموريون سهولتون فراهم ڪيون وينديون.