اسلام آباد – 08 جون (ا?? پي پي) هلندڙ مالي سال دوران پاڻي، ٿرمل، نيوڪليئر ۽ قابل تجديد توانائي جي ذريعن مان بجلي جي مجموع?? پيداوار 94.121 گيگاواٽ آور (جي ڊبليو ايڇ) رهي. جاري ٿيل مالي سال 23 -2022ع جي اقتصادي سروي مو??ب ملڪ ۾ مجموعي طور تي بجل?? پيدا ڪرڻ جي گنجائش/صلاحيت (انسٽالڊ ڪيپيسٽي) 41000 ميگاواٽ آهي، جنهن مان 25.8 سيڪڙو پاڻي، ٿرمل 58.8 سيڪڙو، نيوڪليئر 8.6 سيڪڙو ۽ قابل تجديد توانائي جو حصو 6.8 سيڪڙو آهي. جولاءِ کان مارچ 2023ع دوران مجموعي طور تي بجلي ج?? پيداوار 94.121 گيگاواٽ آور رهي، جنهن ۾ پاڻي جو حصو 28.6 سيڪڙو، ٿرمل 46.2 سيڪڙو،نيوڪليئر 21 سيڪڙو ۽ قابل تجديد توانائي جو حصو 4.2 سيڪڙو رهيو. هلندڙ مالي سال دوران 84034 گيگا واٽ آور بجلي استعمال ڪئي وئي جنهن مان گهريلو صارفين 46.6 سيڪڙو سان بجلي جي استعمال ۾ سر فهرست رهيا. بجلي جي استعمال ۾ صنعتي شعبي جو حصو 28.2 سيڪڙو، زراعت 8.2 سيڪڙو ۽ ڪمرشل شعبي جو حصو 7.8 سيڪڙو رهيو. اقتصادي سروي مو??ب موجوده مالي سال دوران ڪوئلي مان بجل?? پيدا ڪندڙ ٽن نوان پلانٽس جي اضافي سان ٿرڪوئلي مان بجل?? پيدا ڪرڻ جي صلاحيت 3300 ميگاواٽ تائين پهچي وئي. پرائيويٽ پاور انفرااسٽرڪچر بورڊ جي مدد سان 16 آءِ پ?? پيز جيڪي 2031ع تائين مڪمل ٿيندا جن کي بجلي ج?? پيداواري صلاحيت تقريبن 8338 ميگاواٽ آهي، ٻاهران گهرايل تيل تي ڀاڙڻ گهٽ ڪرڻ ۽ سولر مان توانائ?? پيدا ڪرڻ جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ حڪومت 18 آڪٽوبر 2022ع تي سولرائيزيشن فريم ورڪ لاءِ گائيڊ لائنز جي منظوري ڏني. هلندڙ مالي سال دوران 3530 ميگاواٽ صلاحيت جي 6 نيوڪليئر پاور پراجيڪيٽس مجموعي طور تي 18739 ملين يونٽس فراهم ڪيا.