اسلام آباد- 08 جون (اي پي پي) ملڪ ۾ جاري مالي سال جي پهرين 11 مهينن ۾ مهانگائي جي شرح 29.2 سيڪڙو رهي. جاري ڪيل قومي اقتصادي سروي موجب روپئي جي قدر ۾ گهٽتائي، تباهي آڻيندڙ ٻوڏن سبب رسد ۾ رنڊڪ، عالمي سطح تي کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ تمام گهڻو اضافو، بجلي ۽ تيل جي ٽيرف ۾ سڌارن سبب مهانگائي ۾ اضافو ٿيو. ا??را?? ۾ مهانگائي جي شرح فيبروري 2023ع ۾ 53.4 سيڪڙو، ترڪيه ۾ اپريل دوران مهانگائ?? 43.7 سيڪڙو، مصر ۾ مارچ دوران 32.7 سيڪڙو ۽ ارجنٽائن ۾ مارچ ۾ مهانگائي جي شرح 104 سيڪڙو رهي. اقتصادي سروي موجب کاڌي پيتي جي شين/ضروري شين جي قيمتن ۾ استحڪام آڻڻ لاءِ حڪومت انتظامي سطح تي قد?? کڻي رهي آهي، انتظامي قدمن ??ان گڏوگڏ ح??ومت پاليسي سڌارن ۽ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ به قد?? کڻي رهي آهي.