اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي ??ي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جديد تاريخ جو سڀ کان بي رحم، غير انساني ۽ غير قانوني قبضي جي ڏاڍ کان آزادي جي جدوجهد ۾ ??لڪ?? واضح ان??از ۾ ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پنج جنوري 1949ع تي گڏيل قومن ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي هڪ غير جانبداراڻي راءِ شماري ڪرائڻ جي حق جي ذريعي خودمختياري واري حق جي ضمانت ڏني، اسان ان ڏينه?? کي گڏيل قومن ۽ ان جي ميمبر رياست?? کي ڪشمير واسين سان جڙيل ان اڌوري وچن جي يادگيري ڪرائڻ جي طور تي ملهائيندا آهيون، جنه?? کي نڀائڻ اڃان باقي آهي، پاڪستان جديد تاريخ جي سڀ کان بي رحم، غير انساني ۽ غير قانوني قبضي جي ڏاڍ کان آزادي جي جدوجهد ۾ ڪشمير واسين سان گڏ ??لڪ?? واضح ان??از ۾ بيٺل آهي.