اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن کي هنرمند بڻائڻ لا??ِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۽ سول سوسائٽي جي وچ ۾ گڏيل تع??ون جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خصوصي ماڻهن جي مالي ۽ تعليم?? شموليت هڪ وڏو چئلينج آهي ۽ ان مان سرخرو ٿيڻ سڄي معاشري جي گڏيل ذميداري آهي، خصوصي ماڻهن کي مارڪيٽ جي ضروتن موجب هنر ڏيڻ لا??ِ خصوصي تربيتي ڪورس متعارف ڪرايا وڃن. هو خصوصي ماڻهن جي بحالي بابت هڪ اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. نيشنل اينڊ ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن (نيوٽيڪ) جي چيئرمين سيد جاويد حسين خصوصي ماڻهن جي ڀلائي لا??ِ کنيل قدمن جي باري ۾ صدر کي بريفنگ ڏ??ي. ??در عارف علوي چيو ته خصوصي ماڻهن جي معاشري ۾ مال?? شموليت سان گڏوگڏ انهن کي ??رڪ??ي تعليم جي نظام ۾ شامل ڪرڻو پوندو.