ساهيوال – 29 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن س??ن ساهيوال ڊويزن سان تعلق ??کن??ڙ پارليامينٽرينز ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ميمبرن جي و??د ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ راءِ محمد مرتضيٰ اقبال، سيد صمصام علي بخاري، ملڪ نعمان احمد لنگڙيال، چوڌري محمد نوريز شڪور، شيخ محمد چوهاڻ، ملڪ فيصل جلال ڍڪو، مهر ارشاد حسين ڪاٺيا، وحيد اصغر ڊوگر، سيد محمد مظفر کگا، راءِ حسن نواز خان، فيض الله ڪموڪا، شڪيل احمد نيازي، راڻا آفتاب احمد، نبيلا اعواڻ، ڊاڪٽر مظهر شيرازي ۽ وسيم رامي شريڪ هئا. پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار ۽ پنجاب جو گورنر چوڌري محمد سرور پڻ ملاقات ۾ شريڪ هئا. وفد ساهيوال جو دورو ڪرڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ سياسي معاملن، عوامي ڀلائي، ترقياتي منصوبن، خاص طور تي صحت، تعليم جي سهولتن جي فراهمي، ??رع?? شعبي جي ترقي جي حوالي سان جاري قدمن ۽ مستقبل جي منصوبن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ پارليامينٽرينز چيو ته وزيراعظم عمران خان جي اسلامي فلاحي رياست جي و??زن جي روشني ۾ عوام جي ڀلائي ۽ ترقي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون.