اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان سان ملاقات ۾ مشهور سياسي شخصيت منير احمد خان پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته وزي??اع??م چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري سميت سڀئي مسئلا اڳوڻين حڪومتن جي لُٽ مار ۽ ڪرپشن جي ڪر?? آهي، هر طرح جي ڪرپشن جو خاتمو مشن آهي، ان جي لاءِ ڪنهن به قسم جي نرمي ۽ ٺاهه نه ڪيو ويندو. وزي??اع??م ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م هائوس ۾ ٿيل ??لاقات ۾ منير احمد خان وزي??اع??م جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو، ان موقعي تي اقتصادي معاملن وارو وزير خسرو بختيار، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير چوڌري فواد به موجود هئا. ان موقعي تي وزي??اع??م منير احمد خان کي پارٽي ۾ خوش آمديد چوندي چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي، بيروزگاري ۽ ناڻي واڌ سميت سڀني مسئلن جو سبب اڳوڻين حڪومت پاران ڪيل ??ُٽ مار ۽ ڪرپشن آهي، منهنجو مشن هر طرح جي ڪرپشن جو خاتمو آهي ۽ ان جي لاءِ ڪنهن به قسم جي نرمي ۽ ٺاهه نه ڪيو ويندو. ملاقات ۾ منير احمد خان وزي??اع??م عمران خان جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان جي تقدير ۽ مستقبل وزي??اع??م عمران خان جي مثالي قيادت جي هٿن ۾ هئڻ سان محفوظ ۽ روشن آهي.