اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي ??ي ??سپ??ڪر اسد قيصر چيو آهي ته وزيراعظم جي قومي اسيمبلي مان اعتماد جي ووٽ جي موقعي تي جيڪڏهن ڪو ثابت ڪري ته ميمبرن جو تعداد 178 کان گهٽ هو ته عهدو ڇڏي ڏيندس، پريس گئلري پارليامينٽ جو حصو آهي، صحافين کي پ??هن??ا ??رض سرانجام ڏيڻ لاءِ هر قسم جي سهولتن جي فر??هم?? يقيني بڻائينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارليامينٽ هائوس ۾ سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي سان گڏ ميڊيا سينٽر جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن جي عهديدارن سميت ٻيون شخصيتون به موجود هيون. ميڊيا سينٽر ۾ رپورٽرز ۽ ڪئميرا مينن جي لاءِ مختلف سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن. ان موقعي تي ??سپ??ڪر اسد قيصر چيو ته پريس گئلري پارليامينٽ جو حصو آهي ان لاءِ صحافين جي لاءِ سهولتن جي فر??هم?? ۽ اظهار راءِ جي آزادي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪنداسين. وزيراعظم قومي اسيمبلي مان اعتماد جي ووٽ جي حوالي ??ان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پوري ميڊيا موجود هئي هر ڪنهن ڏٺو فيصل واوڊا ۽ مون کي ڪڍي ڪل 178 ميمبر موجود هئا.