اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چونڊ قانونن ۾ ترميم بابت اليڪشن ڪميشن جا خدشا ختم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته چونڊ عمل لاڳو ڪرڻ جي باري ۾ حتمي فيصلو اليڪشن ڪميشن جو هوندو، حڪومتي ادارا سڌارن وا??ي عمل کي شفافيت سان انجام ڏيڻ لاءِ مدد فراهم ڪندا، ووٽ هر شهريءَ جو بنيادي حق آهي، سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي روشني ۾ 90 لک سمنڊ پار پاڪستانين کي انهن جو حق ڏيڻ جي ضرورت آهي. هو انٽرنيٽ ووٽنگ لاءِ ايمرجنگ ٽيڪنال??جي بابت سب ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪ??ي رهيو هو. اجلاس ۾ انفارميشن ٽيڪنال??جي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن وارو وزير سيد امين الحق، ريلوي وارو وزير اعظم خان سواتي ۽ آءِ ٽي وزارت وارو سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت، نادرا جي وقتي چيئرمين برگيڊيئر (ر) خالد لطيف، آءِ ٽي اليڪشن ڪميشن جو ڊائريڪٽر جنرل خضر عزيز ۽ ٻين ل??ڳا??يل سينئر عملدارن به شرڪت ڪ??ي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر ٻاهرين ملڪ رهندڙ 90 لک پاڪستانين کي سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي روشني ۾ ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ موجوده چونڊ قانونن ۾ به بهتري آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.