تربيلا – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ ماحول دوست بجلي پيدا ڪرڻ جو ڪوششون ڪري رهيا آهيون، 10 سا??ن ۾ 10 نوان ڊيم ٺاهينداسين، مهمند ڊيم 2025ع ۽ ڀاشا ڊيم 2028ع ۾ مڪمل ٿي ويندو، جيستائين ڊيم نه ٺهندا اسان پاڻي کي ذخيرو نٿا ڪري سگهون. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار تربيل?? 5 توسيع منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڪوشش آهي ته 2030ع تائين پاڪستان ۾ ماحول دوست بجلي ٺهي، تربيلا جي توسيع منصوبي مان ماحول دوست بجلي پيدا ٿيندي، موجوده حڪومت 10 سا??ن ۾ 10 نوان ڊيم ٺاهيندي، جڏهن ته تعمير هيٺ مهمند ڊيم 2025ع ۽ ڀاشا ڊيم 2028ع ۾ مڪمل ٿي ويندو. وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ بجلي لاءِ مهانگا معاهدا ڪيا ويا، جنهن جي نتيجي ۾ حڪومت کي مهانگي بجلي خريد ڪرڻي پئجي رهي آهي، حڪومت پن بجلي ۽ شمسي توانائي مان بجلي ٺاهڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ موسمياتي تبديلين جو مسئلو درپيش آهي جنهن جي ڪري دنيا جي موسم تيزي سا?? گرم ٿي رهي آهي، جيڪب آباد هن وقت گرم ترين علائقو آهي، ٻيلن ۾ پهريون اهڙي ??رح باهه نه لڳندي هئي جيئن هاڻي لڳي رهي آهي، روس، ترڪي ۽ يونان ۾ اهڙي ??رح باهه لڳل آهي اهڙي انساني تاريخ ۾ ڪڏهن به ناهي لڳي، ان کان اڳ اهڙيون ٻوڏون نه آيون جيئن هاڻي اچي رهيون آهي. هن چيو ته چين دنيا ۾ تيزي سا?? اڳتي وڌي رهيو آهي، چين مستقبل جي اڳواٽ منصوبابندي ڪندو آهي، مستقبل جي لاءِ وقت کان پهرين منصوبابندي جي ضرورت آهي، هن چيو ته اسان اهڙي بجلي ٺاهيون جنهن سا?? گلوبل وارمنگ تي اثر نه پوي. وزيراعظم چيو ته تربيلا جي توسيعي منصوبي سا?? تربيلا ڊيم جي زندگي وڌي ويندي، صرف 4 ميل پري مٽي آهي جيڪا ڊيم ۾ ڀرجي ويندي آهي ان توسيعي منصوبي سا?? ڊيم ۾ ايندڙ مٽي کي فليش ڪرڻ ۾ مدد مندي، داسو ۽ ڀاشا ڊيم جو وقت تي ٺهڻ به ضروري آهي ڇاڪاڻ جو ان سا?? تربيلا ڊيم ۾ مٽيءَ جو ڀرجڻ گهٽجي ويندو، جنهن سا?? ڊيم جي زندگي وڌيڪ ڊگهي ٿي ويندي. وزيراعظم ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته اسان پهرين انهن شين جو ناهي سوچيو، ڀاشا ڊيم ٺاهڻ جو فيصلو 1984ع ۾ ٿيو هو. هن سوال ڪيو ته ڇا ماضي ۾ ڪنهن ۾ اڳتي جي سوچ نه هئي، ماضي جي حڪومتن شايد پنج پنج سا?? پنهنجي اليڪشن جو سوچيو ڇاڪاڻ جو ڊيم ٺهڻ ۾ وقت لڳندو آهي، اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته تربيلا ڊيم جو پنجون توسيع منصوبو 807 ملين ڊالر جي لاڳت سا?? تعمير ڪيو پيو وڃي جنهن جي لاءِ عالمي بئنڪ ۽ ايشين انفرااسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ منصوبي جي تعمير لاءِ مالي مدد فراهم ڪري رهي آهي، اهو منصوبو ٽن سا??ن جي ننڍي مدي ۾ 2024ع تائين مڪمل ڪيو ويندو، منصوبو جو بنيادي مقصد مستقبل ۾ تربيلا ڊيم کي مٽي ڀرجڻ جي خطرن کان محفوظ بڻائڻ آهي، منصوبي سا?? تربيلا ڊيم مان زرعي مقصدن لاءِ پائيدار بنيادن ت?? پاڻي جي دستيابي جاري رهندي. تربيلا پ??جين توسيعي منصوبي مان 1530 ميگاواٽ ماحول دوست ۽ سستي پن بجلي حاصل ٿيندي. منصوبو هر سا?? نيشنل گرڊ کي هڪ ارب 34 ڪروڙ يونٽ سستي بجلي مهيا ڪندو. جڏهن ته تربيلا جي پنجين توسيعي منصوبي جي تعمير سا?? ملازمتن جا 3 هزار موقعا پ??دا ٿيندا، منصوبي جي ڪري تربيلا مان بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت 4888 ميگاواٽ کان وڌي 6418 ميگاواٽ ٿي ويندي، تربيلا پ??جون توسيعي منصوبو پاڪستان ج?? پاڻي، خوراڪ ۽ توانائي جي اهم ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.