لاهور – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته افغانستان سان اسان جو مضبوط اسٽريٽجڪ، سياسي، سماجي ۽ معاشي لاڳاپو آهي، ڪيترن ئي ملڪن جي ڳجهن ادارن جي ??ربراهن ڪابل جو دورو ڪيو آهي، انٽيليجنس جي ??طح تي غيرروايتي رابطا برقرار رکيا ويندا آهن، ڀارت کي افغانستان ۾ ذلت ۽ رسوائي کڻڻي پئي، ڀارت جو افغانستان ۾ ڪو ڪردار نه آهي، بزرگ حريت اڳواڻ سيد علي گيلاني جي لاڏاڻي کانپوءِ به ڀارت خوف ۾ ورتل آهي، سيد علي گيلاني والاريل ڪشمير جي ??زادي جو ستارو هو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيئر صحافي مجيب الرحمان شامي سان سندس ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت جي ??ظهار ۽ فاتحه خواني کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته ڀارت حريت اڳواڻ سيد علي گيلاني جي ميت جي ??يڪا بي حرمتي ڪئي آهي ان جي وزيراعظم عمران خان سخت مذمت ڪئي آهي. هڪ 92 سالن جو ڪشمير مجاهد موت کانپوءِ آزادي ۽ حريت جي ??لامت آهي. ڀارت ايترو خوفزده آهي جو هو ان جي ??وامي جنازي جي ??جازت ڏيڻ کان به ڊڄي رهيو آهي، نريندر مودي جيڪو هٽلر کان متاثر آهي ان جون ٽنگون ڏڪي رهيون آهن ۽ هڪ ميت کي ان جي ??اندان جي ??والي نه ڪيو ويو. هن چيو ته سيد علي گيلاني ڪشمير جي ??زادي جو ستارو آهي، ڀارت سامراج جي هڪ دهشتگرد فلاسفي رکندڙ پارٽي ۽ دهشتگردي جي ??رپرستي ڪندڙ ليڊر جيڪو ڀارت تي مڙهيل آهي جنهن جو نالو نريندر مودي آهي اهو ايترو بزدل آهي جو هو آزادي جي هڪ ستاري کي برداشت نه ڪري سگهيو. پاڪستان جي ??ڪومت ۽ عوام ان جي ??خت مذمت ڪن ٿا. اسان ڪشمير جي ماڻهن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته اسان شيهي ج?? ديوار وانگر توهان جي پٺيان بيٺل آهيون، پاڪستان ڪشمير جي لاءِ ٽي جنگيون وڙهيون آهن، اسان جا قبرستان شهيدن سان آباد آهن جن ڪشمير جي لاءِ پنهنجو ر?? ڏنو آهي، ڪشمير جي 7 ڏهاڪن تي ٻڌل جدوجهد آهي جنهن کي اسان سلام پيش ڪريون ٿا ۽ اسان ان جو عملي حصو به آهيون. هن چيو ته افغانستان جي ??يڪا صورتحال آهي ان ۾ خاص طور تي ڀارتي ميڊيا تي حيران آهيان. هونئن ته اسان جو ڀارت سان واپار بند آهي پر آئون ڪابينا جي ??يندڙ اجلاس ۾ اها تجويز پيش ڪندس ته پاڪستان کي ڀارت کي ”برنال“ ايڪسپورٽ ڪرڻ جي ??جاز?? ڏني وڃي ڇو ته اتي تمام گهڻي ساڙ آهي. پاڪستان جي ??ءِ ايس آءِ چيف ڪابل جو دورو ڪيو آهي ان تي تمام گهڻيون ڳالهيون ٿي رهيون آهن. ڇا ان کان اڳ آمريڪا جو سي آءِ اي چيف اتي نه ويو، ترڪيءَ ۽ قطر جي ??نٽيليجنس چيف ڪابل جو دورو نه ڪيو؟ پوري دنيا جي ??نٽيليجنس ايجنسين جي ورڪنگ هوندي آهي، علائقي ۾ لاڳاپن ۽ سياست کي ڏسڻو هوندو آهي، افغانستان ۾ جيڪو ٿئي ٿو ان جو پاڪستان تي تمام گهرو اثر پوي ٿو، اتان جيڪڏهن هجرت ٿئي ٿي ته سڀ کان وڌيڪ اثر پاڪستان تي پوي ٿو، جيڪڏهن سياسي عدم استحڪام آهي ته سڀ کان وڌيڪ پاڪستان متاثر ٿئي ٿو، جيڪڏهن افغانستان دهشتگرد تنظيمن جو مرڪز بڻجي ٿو ته ان جا پاڪستان تي اثر پون ٿا. هن چيو ته اسان جو افغانستان سان مضبوط اسٽريٽجڪ تعلق آهي ۽ ان جا معيشت، سياسي، سماجي ۽ معاشي تعلق تي اثر پون ٿا، اسان افغانستان جي ??ورتحال تي اکيون بند نه ٿا ڪري سگهون. هن چيو ته هن وقت افغانستان جي ??ندر سياسي حڪومت نه آهي ۽ هڪ خال آهي، اهڙي صورت ۾ انٽيليجنس جا غيرروايتي رابطا هوندا آهن جيڪي برقرار رهندا. جيڪڏهن پاڪستان جو پرڏيهي وزير اتي ويندو ته ڪنهن سان ملاقات ڪندو. هن چيو ته افغانستان بابت اسان جي پاليسي دنيا سان گڏ آهي. آمريڪي صدر جو بائيڊن جيڪا ڳالهه اڄ چئي رهيو آهي ته افغانستان جي معاملن جو سياسي حل هجڻ گهرجي پاڪستان اها ئي ڳالهه اڄ کان ڪيترائي سال اڳ چئي رهيو هو، وزيراعظم عمران خان 2007ع کان چئي رهيو هو ته سياسي حل طرف وڌو. فرق رڳو ايترو آهي ته اولهه ايترو نقصان ٿيڻ کانپوءِ اها ڳالهه چئي رهيو آهي ۽ پاڪستان نقصان ٿيڻ کان اڳ ان طرف ڌيان ڇڪرايو هو. هن چيو ته پاڪستان جي پاليسي اها آهي ته اسان هڪ عام افغان کي ڇڏي نه ٿا سگهون، اسان جي لاءِ هڪ عام افغان جي ??ندگي جي ??ه ايتري ئي اهميت آهي جيتري انهن ماڻهن جي ??هي جيڪي افغانستان مان انخلا ذريعي ٻاهر هليا ويا آهن. پاڪستان افغانستان مان پرڏيهين جي ??نخلا جي لاءِ وڏو ڪم ڪيو آهي، ان ۾ اسان جي پي آءِ اي جو وڏو ڪردار آهي، اسان جي ??فارتخاني وڏو ڪم ڪيو آهي، پرڏيهي ميڊيا جي نمائندن جي لاءِ اسان جي ??طلاعات واري وزارت متحرڪ ڪردار ادا ڪيو، اسان جا بارڊر کليل آهن، فضائي رستا کليل آهن ۽ اسان انهن جي مدد لاءِ تيار آهيون ۽ اهو سلسلو جاري رهندو. ان سان گڏوگڏ اهو چوڻ ته جيڪي ماڻهو ڪابل ۾ رهجي ويا انهن جي پرواهه نه ڪريو ته اهو مناسب نه آهي، اسان جي لاءِ اهي به اهم آهن جن جو انخلا ٿيو ۽ اهي به اهم آهن جيڪي پٺتي رهجي ويا آهن، اسان جي لاءِ ٻئي اهم آهن. جيڪڏهن اسان ڪٿي جيڪي پٺتي رهجي ويا آهن انهن کي ڇڏي ڏيون ته افغانستان ۾ عدم استحڪام پيدا ٿيندو ۽ اهو دنيا جي مفاد ۾ نه آهي. هن چيو ته برطانيا ۽ جرمني جا پرڏيهي وزير پاڪستان آيا، وزيراعظم عمران خان جي پرڏيهي اڳواڻن سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، شاهه محمود قريشي جي ڏيڍ درجن کان وڌيڪ پرڏيهي وزيرن سان ملاقات ٿي آهي. هن چيو ته اسان افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، افغان عملدارن سان ويجهو رابطو ضروري آهي ته جيئن اسان هڪ اهڙي حڪومت طرف اڳتي وڌون جيڪا افغانستان ۾ سمورن گروپن ۽ ماڻهن جي لاءِ قابل قبول هجي ۽ استحڪام اچي سگهي. ڀارت اسان جي ??نهن ڪوششن تي ڇو تنقيد ڪري رهيو آهي؟ ڀارت جي ??فغانستان سان هڪ انچ سرحد نه ٿي ملي. ڀارتي ميڊيا جي گوڙ سان ته ائين لڳي ٿو ته افغانستان انهن جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي، توهان پنهنجو ڪم ڪريو، يو پي اليڪشن اچي رهي آهي توهان اهي وڙهو، توهان افغانستان تي ڌيان ڏئي ڇو ويٺا آهيو، نه توهان جو افغانستان سان تعلق هو، آهي ۽ نه هوندو. هن چيو ته افغانستان جي ??والي سان اسان جي پاليسي وڏي واضح آهي ته اتي استحڪام گهرجي ۽ ڀارت جو ان ۾ ڪو ڪردار نه آهي، ڀارت کي جڏهن به ڪردار ڏنو ويو ان افغانستان جي ??مين کي پاڪستان جي ??لاف دهشتگردي جي لاءِ استعمال ڪيو آهي ۽ اهو اسان کي قطعي طور قبول نه آهي اسان قطعي طور تي ان جي ??جازت نه ڏينداسين ته ڪير افغانستان جي ??رزمين کي پاڪستان جي ??لاف استعمال ڪري سگهي. صحافين جي ??والن جا جواب ڏيندي فواد چوڌري چيو ته افغانستان جي ??ورتحال تي پرڏيهي آفيس ٻڌائي چڪي آهي، افغانستان ۾ سڀني جي مشاورت سان جيڪا حڪومت ٺهندي اسان ان جي ??مايت ڪريون ٿا، جيستائين طالبان کي تسليم ڪرڻ جو معاملو آهي ته اسان اهو فيصلو اڪيلي نه ٿا ڪرڻ چاهيون، اسان خطي ۽ عالمي طاقتن سان گڏ اڳتي وڌنداسين، افغانستان جي ??ستحڪام جي لاءِ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو اسان ڪنداسين. هن چيو ته اسان حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي ۽ اڄ ڀارت افغانستان ۾ اربين ڊالرز لڳ??ئي به اڪيلو آهي، ڀارت جي ٽيڪس ڏيندڙن کي اهو پڇڻ گهرجي ??ه انهن جيڪو پئسو نريندر مودي کي ڏنو آهي اهو پئسو افغانستان ۾ ڇو ضايع ڪيو ويو، لوڪ سڀا جا ماڻهو جيڪڏهن توهان ڀارت جي ??وام جا حقيقي نمائندا آهيو ته توهان ڀارت جي ??ڪومت کان پڇو ته اربين ڊالرز جيڪي ڀارت جي ??ريبن تي لڳڻ گهرجن اهي افغانستان ۾ ڇو ضايع ڪيا ويا. هن چيو ته افغانستان ۾ حڪومت سازي اسان جو ڪم نه آهي جو اسان انهن کي ٻڌايون پر اهو افغانستان جي ??وام جو ڪم آهي. جهڙي طرح ٻين ملڪن جو ڪردار آهي اهڙي طرح خطي جي ??اقت جي ??يثيت سان اسان جو به هڪ ڪردار آهي جيئن ترڪيءَ، روس ۽ چين جو ڪردار آهي جيئن ايران جو ڪردار آهي، اسان جو ڪردار انهن کان ڪجهه وڌيڪ آهي ڇو ته اسان جي 2700 ڪلوميٽر ڊگهي سرحد افغانستان سان ملي ٿي، اسان رڳو افغانستان جي ??ستحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين. هن چيو ته حريت ليڊر سيد علي گيلاني جي ??رينگر هاءِ وي تي يادگار تعمير ڪرڻ جي لاءِ حڪومت کي تجويز ڏني ويندي. هن چيو ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان بيمار آهي، اسان سڀ ان جي ??لد صحتيابي لاءِ دعاگو آهيون.