اسلام آباد – 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ محفوظ، مستحڪم ۽ پرامن افغانستان جي اه??يت تي زور ڏيندي چيو آهي ته افغانستان ۾ بدلجندڙ حقيقت سان عالمي برادري ??ي موقف ۾ پڻ تبديلي جي ضرورت آهي، افغان عوام جي ڀلائي اولين ترجيح هجڻ گهرجي. اها ڳالهه هن پاڪستان جي دوري ??ي آيل اسپين جي پرڏيهي وزير جوزي مينوئل البرس بوئنيو سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ محفوظ، مستحڪم ۽ پرامن افغانستان جي اه??يت تي زور ڏنو ۽ چيو ته افغانستان ۾ بدلجندڙ حقيقت سان عاليم برادري ??ي موقف ۾ به تبديلي جي ضرورت آهي. هن زور ڏنو ته افغان عوام جي ڀلائي اولين ترجيح هجڻ گهرجي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته افغان عوام جي انساني ضرورتن کي پورو ??رڻ ۽ ملڪ جي معاشي استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ فوري قدمن جي ضرورت آهي. وزيراعظم عالمي برادري ??ي مثبت انگيجمينٽ تي زور ڏنو ته جيئن اه?? يقيني بڻائي سگهجي ته افغانستان ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال مستحڪم ٿئي، امن ??رق??ار رهي ۽ ڪنهن به وڏي پئماني تي هجرت کي روڪي سگهجي. اسپين جي پرڏيهي وزير سفارتي مشنز ۽ عالمي ادارن جي شهرين ۽ اه??ڪارن جي انخلا ۾ سهولت فراهم ??رڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم ان سلسلي ۾ پاڪستان جي مسلسل حمايت جو يقين ڏياريو. ٻ??رف?? لاڳاپن جي حوالي سان وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان اسپين لاڳاپا سمورن شعبن ۾ مضبوط ٿيندا رهندا. وزيراعظم اسپين ۾ رهندڙ پاڪستانين جي مثبت ڪردار پڻ ساراهيو.