اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) ايوان صدر جي جامع مسجد مان حسب معمول جم??ي جي نماز ۽ خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ ايوان صدر جي عملدارن ۽ عملي جم??ي نماز ادا ڪئي، ان موقعي تي خطبي ۾ اسلامي تعليمات جي روشني ۾ معاشرتي بهتري لاءِ نجي ۽ اجتماعي زندگي ۾ خوش گفتاري جي اهميت ۽ افاديت کي اجاگر ڪيو ويو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته ٻين کي به اظهار راءِ جو موقعو ڏيڻ گهرجي. حضور اڪرم ﷺ جي سيرت ۽ اخلاق کي اختيار ڪري ئي حقيقي زندگي جي منزل حاصل ڪري س??هجي ٿي. دلين ۾ خير هوند?? ته معاشري ۾ به خير ئي پکڙجندو، ان طرح سڄي دنيا ۾ انسانن جي رهنمائي ڪندڙ قوم جوڙي س??هجي ٿي. ان موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعا ڪئي وئي. واضح ره?? ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي هدايت تي ماڻهن جي رهنمائي لاءِ ايوان صدر جي جامع مسجد مان جم??ي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.