اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ گذريل چوويهه ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 25 فوتگيون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪ??ل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 7 هزار 539 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان پشا??ر ۾ 11 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 21 سيڪڙو، لاه??ر ۾ 9 سيڪڙو ۽ فيصل آباد ۾ 8 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي سراسري ??حاظ کان پشا??ر ۾ 14 سيڪڙو ۽ ڪراچي ۾ 20 سيڪڙو،لاه??ر ۾ 20 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 24 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 63 هزار 272 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 14 هزار 619، پنجاب ۾ 26 هزار 242، خيبرپختونخواهه ۾ 11 هزار 119، اسلام آباد ۾ 7 هزار 665، بلوچستان ۾ 822، گلگت بلتستان ۾ 431 ٽيسٽ ڪيا ويا. آزاد ڪشمير ۾ 2374 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ?? ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 12 لک 72 هزار 871 ٿي چڪو آهي. بلوچستان ۽ گلگت بلتستان ?? ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ?? ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 94 مريض آهن. سڄي ملڪ ?? ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 91 هزار 584 آهي. سڄي ملڪ ?? ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 13 لک 93 هزار 887 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 36 هزار 82، بلوچستان ۾ 34 هزار 131، گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 557، اسلام آباد ۾ هڪ لک 22 هزار 98، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 87 هزار 983، پنجاب ۾ 4 لک 69 هزار 540 ۽ سنڌ ۾ 5 لک 33 هزار 496 مريض آهن. سڄي ملڪ ?? ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 29 هزار 162 ٿي چڪو آهي، جن مان سنڌ ۾ 7 هزار ,765 جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 12 مريض اسپتال ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا. پنجاب ۾ 13 هزار 126 فوتگيون، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 7 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا. خيبرپختونخواهه ۾ 5 هزار 986 فوتگيون ٿيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 6 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا. اسلام آباد ۾ ڪل 979 فوتگيون ٿيون. بلوچستان ۾ ڪل 367 فوتگيون ٿيون. گلگت بلتستان ۾ 187 فوتگيون ٿيون. آزاد ڪشمير ۾ ان وائرس سبب 752 فوتگيون ٿي چڪيون آهن. هيستائين سڄي ملڪ ?? ڪوويڊ – 19 جا 2 ڪروڙ 47 لک 54 هزار 277 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سڄي ملڪ ?? ڪوويڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 640 اسپتالن ۾ 1395 مريض علاج هيٺ آهن.