بيجنگ – 04 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وز??ر چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وز??راعظم عمران خان جي چين جي دوري جو باقاعده آغاز ٿي ويو آهي، وز??راعظم ڪاروب??ري ملاقاتن کانسواءِ ونٽر اولمپڪس جي افتتاحي تقريبن ۾ به شرڪت ڪندو. اها ڳالهه هن وز??راعظم جي دوري جي حوالي سان ڳالهائيندي چئي. چوڌري فواد حسين چيو ته وز??راعظم عمران خان جي چين جي دوري جو باقاعده آغاز ٿي چڪو آهي، اڄ وز??راع??م 18 کان وڌيڪ سيڪٽرز ۾ وڊيو ڪانفرنسز ڪيون. انهن ڪانفرنسز کانپوءِ وز??راعظم عمران خان چين جي سڀ کان وڏي ٽي وي چئنل سي جي ٽي اين کي انٽرويو به ڏيندو. چوڌري فواد حسين ٻڌايو ته ڪاروب??ري ملاقاتن کانسواءِ وز??راعظم عمران خان پنهنجي وفد سان گڏ ونٽر المپڪس جي افتتاحي تقريبن ۾ به شرڪت ڪندو. هن چيو ته وز??راعظم پاڪستان جو اهو پهريون حڪمران آهي جنهن کي المپڪس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي، 20 کان وڌيڪ ملڪي سربراهه ان تقريب ۾ اڄ شرڪت ڪندا.