اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) عالمي اسلامي يونيورسٽي جي خطيب ڊاڪٽر ضياءُ الرحمان ايوان صدر جي جامع مسجد ۾ سماجي طبقن ۽ اسلامي معاشري جي موضوع تي جمعي جي خطبي ۾ چي?? ته اسلام انسان ??ي رنگ ۽ نسل بدران الله ۽ ان جي بندن جي حقن ??ي ادائيگي جي بنياد تي عزت ۽ احترام جو رتبو ڏيندو آهي،
ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ ايوان صدر جي عملدارن جمعي جي نماز ادا ڪئي، ڊاڪٽر ضياءُ الرحمان پنهنجي خطبي ۾ چي?? ته الله تعاليٰ نظام ۾ توازن پيدا ڪرڻ ۽ انسانن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ انهن جي ضرورتن کي هڪٻ??ي سان ??نڍيو آهي، جيتوڻيڪ صاحب حيثيت طبقي تي لازمي آهي ته هو حاصل نعمتن ۾ ٻين کي به شامل ڪن، غريبن، مسڪينن، يتيمن ۽ مستحقن ??و انهن تي حق آهي، هن چي?? ته الله تعاليٰ ۽ انهن جي بندن جا حق ادا ڪرڻ، ڪمزورن تي احسان ??رڻ اعليٰ صفتون آهن ۽ ان جو وڏو اجر آهي، ان موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي، واضح رهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي هدايت تي ماڻهن جي رهنمائي لاءِ ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.