بيجنگ – 12 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان چين جي مدد ??ان سيمي ڪنڊيڪٽرز زون قائم ڪرڻ جي لاءِ هڪ اهم منصوبو تجويز ڪيو آهي جنهن جو مقصد پاڪستان کي جديد اوزارن ۾ پاڻڀرو بڻ??ئڻ ۽ ترقي جون ن??ون راهون کولڻ آهي. اها ڳالهه هن چائنا اڪنامڪ نيٽ کي پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان جي تازي چين جي دوري دوران هن سيمي ڪنڊيڪٽرز انڊسٽري جي پاڪستان منتقلي بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. اها ٽيڪنالاجي نه رڳو پاڪستان پر چين جي لاءِ پڻ اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته اسان چاه??ون ٿا ته چين جون ٽيڪنالاجي ڪمپن??ون پاڪستان اچن ۽ پاڪستان کي سيمي ڪنڊيڪٽرز مينوفيڪچرنگ جو مرڪز بڻ??ئين. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزير جي حيثيت سان پڻ خدمتون سرانجام ڏن??ون آهن ۽ پنهنجي ان مدي دوران هن سيمي ڪنڊيڪٽرز ٽيڪنالاجي جي لاءِ مفاهمت جي ياداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ڪ??ون ۽ سيمي ڪنڊيڪٽرز مهارت ۾ پاڪستانين کي تربيت جي فراهمي جي لاءِ چين سان حصيداري پڻ ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان پاڪستان ۾ سيمي ڪنڊيڪٽرز ڊيزائننگ جي شروعات ڪرڻ چاه??ون ٿا، مون کي اها ڳالهه ٻڌائيندي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي ته چيني سيڙپڪار پاڪستان سان گڏ ڪم ڪرڻ ۾ تمام گهڻي دلچسپي وٺي رهيا آهن. هن چيو ته ٽيڪنالاجي زون کي سيمي ڪنڊيڪٽرز زون ۾ تبديل ڪيو ويندو. چوڌري فواد حسين چيو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو تمام وڏو شعبو آهي جنهن ۾ ٻئي ملڪ تعاون ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته موبائيل فونز هاڻي پاڪستان ۾ تيار ٿي رهيا آهن پر اسان ان کان هڪ قدم اڳتي وڌندي پاڪستان ۾ موبائيل فونز جي مڪمل مينوفيڪچرنگ شروع ڪرڻ چاه??ون ٿا. چوڌري فواد حسين چيو ته صحت جي شعبي ۾ اوزارن جي حوالي سان ٻطرفي تعاون ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته ڪوويڊ 19 جي شروعات جي ڪجهه مهينن دوران اسان ان شعبي بابت هر شيءَ درآمد ڪري رهيا هئاسين پر هاڻي پاڪستان ان حوالي سان هڪ وڏو برآمد ڪندڙ ملڪ آهي. هن چيو ته اهو اهم سنگ ميل اسان مختصر عرصي ۾ حاصل ڪيو آهي ۽ هاڻي صحت جي شعبي ۾ تعاون جا وسيع امڪان موجود آهن. هن چيو ته پاڪستان وٽ هنرمند ليبر ۽ هڪ وڏي مارڪيٽ آهي، اسان کي اميد آهي ته چيني ٽيڪ ڪمپن??ون ٽيڪنالاجي زون ۾ اسان جي مدد ڪند??ون ۽ اهڙي طرح اسان انهن شعبن ۾ ڪاميابي سان اڀري سگهنداسين. هن اميد ظاهر ڪئي ته وزيراعظم جي تازي چين جي دوري کانپوءِ ڪيتر??ون ئي چيني ٽيڪنالاجي ڪمپن??ون پاڪستان ايند??ون ڇو ته سيمي ڪنڊيڪٽر هر ٽيڪنالاجي جو بنيادي عنصر آهي جنهن سان مقامي مينوفيڪچرنگ مصنوعات ۾ ويليو ايڊيشن آڻڻ ۾ مدد ملندي. واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان پنهنجي تازي دوري دوران چين جي ناليواري ٽيڪنالاجي ڪمپنين جي اڳواڻن سان ملاقاتن جو سلسلو جاري رکيو ۽ ٻنهي طرفن کان سافٽ ويئر ڊيولپمينٽ، انفارميشن اينڊ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجي، طبي تشخيص ۽ ٻين لاڳاپيل شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.