اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي اڳوڻي صدر محمد رفيق تارڙ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بي??ن موجب سينيٽ چيئرمين چيو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ هو ڏکويل خاندان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي. سينيٽ چيئرمين الله تعاليٰ کان دعا ڪئي ته مرحوم کي جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ ڏکويل خاندان کي اهو صدمو ??بر ۽ حوصلي سان برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سينيٽر مرزا محمد آفريدي به اڳوڻي صدر محمد رفيق تارڙ جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي الله تعاليٰ ک??ن مرحوم جي مغفرت، درجن جي بلندي ۽ ڏکويل خاندان ??اءِ ??بر ۽ جميل جي دعا ڪئي آهي.