حيدرآباد – 04 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ ۽ پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پشاور بم ڌماڪو ڳڻي ۽ مذمت جوڳو آهي، اسان شهيدن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، پاڪستان کي غيرمستحڪم ڪرڻ جي هر سازش ناڪام بڻائي ويندي، جيڪي به دهشتگردن جي مدد ڪري رهيا آهن انهن کي شڪست کي منهن ڏيڻو پوندو، پوري قوم متحد آهي، ڪجهه عنصر ملڪ کي ترقي ڪندي، معاشي استحڪام ۽ پرامن نه ٿا ڏسڻ چاهين، اهي غيريقيني واري صورتحال پيدا ڪرڻ چاهين ٿا، سنڌ جي عوام تصوير جو ٻيو رخ به ڏسي ورتو آهي، پيپلزپارٽ?? جي فلم 5 ڀيرا لڳي چڪي آهي هاڻي عوام انهن کي نه ڏسندي، سنڌ ما?? ننڍي ۽ وڏي زرداري کي الوداع چوڻ جو وقت اچي ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ حقوق مارچ جي ٽنڊو محمد خان پهچڻ تي مين روڊ تي هڪ وڏي استقبالي ??يڙ کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن کي وفاقي وزير علي زيدي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. هن چيو ته پشاور ۾ بم ڌماڪ?? جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريان ٿو، اهو دهشتگردي جو افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو واقعو آهي جنهن ۾ ٻاهريان هٿ ملوث آهن، اسان شهيدن ۽ زخمين جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، قوم پاڪستان کي غيرمستحڪم ڪرڻ جي هر سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏيندي، اسان فوج، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سميت پوري قوم جي عزم، قرباني ۽ جذبي کي سلام پيش ڪر??ون ٿا. هن چيو ته جيڪي به دهشتگردن جي مدد ڪري رهيا آهن انهن کي شڪست کي منهن ڏيڻو پوندو. پوري قوم متحد آهي. ڪجهه عنصر ملڪ کي ترقي ڪندي، معاشي استحڪام ۽ پرامن نه ٿا ڏسڻ چاهين، اهي نه ٿا چاهين ته پاڪستان ۾ امن امان هجي هتي سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿئي، انهن کي خبر آهي ته پاڪستان جي خراب حالت هئ?? جيڪا هاڻي معاشي ترقي طرف وڌي رهي آهي، ان لاءِ اهي غيريقيني واري صورتحال پيدا ڪرڻ چاهين ٿا. هن چيو ته ڪجهه ماڻهو عوام ۾ وڃي انهن کي ورغلائي رهيا آهن ۽ ملڪ ۾ غيريقين?? جي مهم هلائي رهيا آهن، اهي ما??وس عنصر قوم کي به پاڪستان جي مستقبل کان ما??وس ڪرڻ چاهين ٿا، اهي عوام جي مسئلن جو حل نه رڳو اقتدار ۽ احتساب ??ان بچڻ چاهين ٿا. هن چيو ته انهن جو مارچ سنڌ ۾ پذيرائي حاصل نه ڪري سگهيو ته جلدي سنڌ ما?? نڪري ويا پر ڪالهه ملتان ۾ به عوام انهن جي استقبال لاءِ نه آئي. هن چيو ته اسان 26 فيبروري ??ان گهوٽڪي ??ان سنڌ حقوق مارچ کڻي نڪتا آه??ون هر جڳهه تي عوام تبديلي ڏسي ورتي آهي گذريل رات بدين ۾ ۽ هاڻي ٽنڊو محمد خان ۾ عوام جي ميڙ کي مخاطب آهيان. هن چيو ته سنڌ جي عوام تصوير جو ٻيو رخ به ڏسي ورتو آهي، اڳ ۾ 15 سالن ??ان هڪ ئي تصوير ڏسي رهيا هئا هاڻي اها فلم نه هلندي، پيپلزپارٽ?? جي فلم ??ان ماڻهو بيزار ٿي ويا آهن، 5 ڀيرا انهن جي فلم لڳي آهي پر ناڪام ٿي وئي آهي. هن چيو ته سنڌ جي عوام 15 سالن ??ان هڪ ئي ڪهاڻي ٻڌي رهي آهي، انهن وٽ ڪو نئون منشور، پروگرام ۽ حڪمت عملي ??ه آهي. سنڌ حڪومت هر طرح سان ناڪام ٿي وئي آهي، هاڻي سنڌ ما?? ننڍي ۽ وڏي زرداري کي الوداع چوڻ جو وقت اچي ويو آهي. هن چيو ته آواز گهٽ هجي آهستي ڳالهايو وڃي پر صحيح ڳالهايو وڃي ته ان ۾ وڏو وزن هوندو آهي، هاڻي رڙ??ون ڪري عوام کي بيوقوف بڻائڻ جو وقت ختم ٿي ويو آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ نئين ۽ باوقار قيادت اڳتي اچي رهي آهي، آئون سنڌين جا تيور ڏسي رهيو آهيان، اهي پنهنجي تقدير بدلائڻ چاهين ٿا ته تحريڪ انصاف جو ساٿ ڏين، 2023ع جي چونڊن ۾ عوام تير کي ٽوڙي سنڌ کي جوڙي ڇڏيندي. هن چيو ته آئون توهان ??ان ووٽ وٺڻ نه زردارين کي الوداع چوڻ آيو آهيان.