اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته مخالف ڌر جي نمبرن جي حوالي سان ڪيل دعويٰ حقيقت تي ٻڌل نه آهي. ملڪي سياسي صورتحال جي حوالي سان هڪ بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته جيڪڏهن مخالف ڌر جي دعويٰ حقيقي هجي ها ته کيس ايتري جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت پيش نه اچي ها، شاهه محمود قريشي چيو ته اسان جو ا??حا??ين سان ساڍا ٽن سالن جو تعلق ۽ رابطو آهي، اسان سان ملڪ کي سنوارڻ لاءِ گڏيل ڪوششن ۾ شامل رهيا آهن. ا??حا??ين سان اسان جي رابطن ۾ هڪ تسلسل آهي جڏهن ته مخالف ڌر ان جي رستي ۾ رڪاوٽون بيهاريند?? رهندي آهي، جڏهن ويڇا وڌيڪ هجن ته زور به وڌيڪ لڳائڻو پوندو آهي. هن چيو ته اڄ جيڪڏهن نون ليگ، ق ليگ کي آڇون ڪر?? رهي آهي ته ڇا ق ليگ جا دوست نٿا ڄاڻن ته 2018 جي اليڪشنز ۾ ??نن ق ليگ جي رستي ۾ ڪيتريُون مشڪلاتون پيدا ڪيُون هُيون، ڇا ايم ڪيو ايم جا ماڻهو نٿا ڄاڻن ته پيپلزپارٽي سنڌ ۾ انهن سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو؟ پيپلزپارٽي پاران آندل بلدياتي قانون جي خلاف اهي سراپا احتجاج هئا ۽ اسان انهن سان رابطي ۾ هئاسين ته ڇا اهو سلوڪ کين ياد نه هوندو؟ ڇا اهي نٿا ڄاڻن ته پيپلزپارٽي گذريل 15 سالا اقتدار ۾ ??يد??آباد ۽ ڪراچي ۾ انهن جي ووٽرز سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو؟ شاهه محمود قريشي چيو ته وقتي ملاقاتن جي بنياد تي صورتحال جو درست تجزيو نٿو ڪري سگهجي، جڏهن اسان صورتحال کي تسلسل جي زاويي سان ڏسون ٿا ته ا??مي??ان ٿيندو آهي.