اسلام آباد – 02 – اپريل (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان چيو آهي ته ٽي اسٽوجز پاڪستان جي خلاف سازش ۾ مليل آهن جيڪي پاڪستان ۽ ان ??ي ادارن کي ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿا، قومي سلامتي جي پڌرنامي ان سازش جو اعتراف ڪيو آهي، ??زي??اعظم بڻجڻ جو خواب ڏسندڙن کي ناڪامي ٿيندي، نواز شريف کي علاج جي لاءِ ٻاهر موڪلڻ منهن??ي اڪيلي جو فيصلو نه هو جڏهن ته ان ۾ تمام وڏو دوکو ٿيو، ملڪ کي 35 سال ڦريندڙ ۽ لائيف سپورٽ مشين تي وجهندڙ ٻيهر اقتدار جو خواب ڏسي رهيا آهن، جن جو پئسو ملڪ کان ٻاهر آهي اهي ڪڏهن ملڪ کي آزاد ٿيڻ نه ڏيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ نجي ٽي وي چينل کي انٽرويو دوران ڪيو. ??زي??اعظم عمران خان چيو ته پنجاب کي شريفن جي هٿن ۾ ڏيڻ کان بهتر آهي ته پرويز الاهي وڏو ??زي?? بڻجي وڃي، منهنجي پنهنجي ڪارڪنن کي هدايت آهي ته ڪا به ٽوڙ ڦوڙ نه ڪن ۽ پرامن رهن. هن چيو ته فوج کي وچ ۾ ڌڪيلڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي م??هنجو انهن سڀني کي چوڻ آهي ته فوج نيوٽرل آهي، ان کي وچ ۾ نه ڌڪيو وڃي. هن چيو ته نواز شريف کي علاج جي لاءِ ٻاهر موڪلڻ جو فيصلو هڪ تمام وڏي غلطي هئي، ان معاملي ۾ تمام وڏو دوکو ٿيو. هن چيو ته اڳوڻن حڪمرانن عدليه جي ججن کي بليڪ ميل ڪيو ۽ هاڻي به اهڙي طرح جا حربا تيار ڪرڻ جو سوچي رهيا آهن، قوم انهن جي ڪردار کي ڄاڻي چڪي آهي. هن چيو ته ڪنهن خودمختار ملڪ کي ڪنهن ٻئي م??ڪ پاران ڌمڪي م??ڻ هڪ ذلت هئي جنهن جي پٺيان لنڊن ۾ ويٺل مافيا آهي. هن چيو ته بي اعتمادي رٿ کان ڪو خطرو نه آهي هارائيندو اهو آهي جنهن سان گڏ عوام نه هجي، عوام مون سان گڏ ڄمي بي??ل آهي. هن چيو ته جيڪي م??ڪ روس کان تيل خريد ڪندا رهيا ۽ هاڻي به خريد ڪري رهيا آهن اهي اسان کي مشورو ڏئي رهيا آهن ته ??زي??اعظم کي روس نه وڃڻ گهرجي ها ۽ مخالف ڌر به انهن جي ئي زبان ڳالهائي رهي آهي. ??زي??اعظم عمران خان چيو ته دوستي سڀني سان ٿي سگهي ٿي پر ڪنهن جي غلامتي نه ٿي ڪري سگهجي. هن چيو ته آئون سمجهان ٿو ته ملڪي سلامتي جي خلاف ٿيندڙ ان سازش جي جاچ ٿيڻ گهرجي جنهن جي لاءِ اسان قانوني مشاورت شروع ڪري ڇڏي آهي. ??زي??اعظم چيو ته فالودي ۽ پاپڙي واري ۽ چپڙاسين جي نالي تي جعلي اڪائونٽ ٺاهيندڙن ۽ مني لانڊرنگ ڪندڙن کي م??ڪي م??اد جي ڪا پرواهه نه آهي. هن چيو ته (ن) ليگ خانداني سياست ڪري رهي آهي، حمزه شهباز کانسواءِ وڏي ??زي?? جي عهدي جي لاءِ ڪو اهل نه آهي. هن چيو ته چئلينج ڪريان ٿو ته (ن) ليگ پنجاب ۾ ضمني يا ڪا ٻي اليڪشن کٽي ڏيکاري.