اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪت?? وزير حنا رباني کر چيو آهي ته پاڪستان افغانستان سميت خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکڻ جي لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان جي لاءِ مستحڪم ۽ پرامن افغانستان انتهائي اهميت رکندڙ آهي، افغانست??ن مان پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز کي نشانو بنائڻ جا واقعا ڳڻتي جوڳا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن افعانستان ??اب?? خصوصي نمائندي ??يم??يسڊر محمد صادق سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن پرڏيه?? وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ايڊيشنل سيڪريٽري افعانستان عامر آفتاب قريشي ۽ ڊي جي افغانستان آصف ميمڻ پڻ ??ن موقعي تي موجود هئا. افغانستان ??اب?? خصوصي نمائندي ??يم??يسڊر محمد صادق افغانستان ۽ خطي ۾ امن امان جي صورتحال جي حوالي سان پرڏيهي معاملن واري مملڪت?? وزير کي تفصيلي بريفنگ ڏني. حنا رباني کر ??ن موقعي تي چيو ته افغانست??ن مان پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز کي نشانو بڻائڻ جا واقعا ڳڻتي جوڳا آهن. هن چيو ته پاڪستان، افغانستان جي آزادي، خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جو احترام ڪري ٿو، پاڪستان جي لاءِ مستحڪم ۽ پرامن افغانستان انتهائي اهميت رکندڙ آهي، پاڪستان افغانستان سميت خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو.