اسلام آ??اد – 29 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپرز (سي پي اين اي) جي نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏني آهي. پي ايم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پريس رليز م??جب وزيراعظم محمد شهباز شريف سي پي اين اي جي نئين چونڊيل صدر ڪاظم ??ان، سينيئر نائب صدر اياز خان، سيڪريٽري جنرل عامر محمود ۽ تنظيم جي ٻين چونڊيل ميمبرن کي مبارڪباد جو پيغام ڏنو. وزيراعظم چيو ته جمهوريت جي مضبو??ي جي لاءِ صحافت ۽ اظهار راءِ جي آزادي ضروري آئيني گهرج آهي. هن ان ڳالهه کي ورجايو ته مخلوط حڪومت نه رڳو ميڊيا جي آزادي جي تحفظ تي پڪو يقين رکي ٿي پر ان جي فروغ لاءِ پڻ قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته سي پي اين اي هڪ اهم ميڊيا تنظيم آهي ۽ ميڊيا جي آزادي ۽ اظهار راءِ جي آزادي جي فروغ لاءِ ان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو اظهار ڪيو. هن صحافين/ ميڊيا پرسنز ۽ صحافت جي خدمت جي پنهنجون ذميواريون نڀائڻ جي لاءِ نئين چونڊيل باڊي جي ڪاميابي جي لاءِ دعا ڪئي ۽ ان سلسلي ۾ پنهنجي حڪومت پاران ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريو.