مظفر آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) ڄمون ڪشمير جي آزادي جي مزاحمتي جد??جه?? جي اڳواڻ باباءِ حريت سيد علي شاهه گيلاني جي پ??ري?? ورسيءَ جي موقعي تي پاسبان حريت ڄمون ڪشمير جي اهتمام هيٺ باباءِ حريت ڏهاڙي طور ملهايو ويو. تفصيل موجب ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پ??ري?? صف جي آزادي جي مجاهد، ڪشميري عوام جي دلين جي ڌڙڪن، مزاحمتي تحريڪ جي سرخيل سيد علي شاهه گيلاني جي پ??ري?? ورسيءَ کي پاسبان حريت ڄمون ڪشمير جي اهتمام هيٺ باباءِ حريت ڏهاڙي طور ملهائڻ جي لاءِ برهان واني شهيد چوڪ ۾ هڪ وڏي عوامي تقريب ۽ ريلي منعقد ڪئي وئي. جنهن ۾ بزرگن، ٻارن، جوانن سميت عورتن پڻ شرڪت ڪئي. ش??ري?? ڪتبا ۽ بينرز کڻي رکيا هئا جن تي سيد علي گيلاني جا اقوال لکيل هئا جڏهن ته بينرز تي گيلاني جي لاءِ خراج عقيدت جا جملا پڻ لکيل هئا. باباءِ حريت ڏهاڙي ريلي کي اڳوڻي وزيراعظم ر??جا فاروق حيدر، بلديات واري وزير خواجه فاروق احمد، پاسبان حريت جي چيئرمين عزيز احمد غزالي، مولانا عبدالعزيز علوي، ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي ميمبر دائود خان، جماعت اسلامي جي اڳواڻ لطيف عباسي، مهاجر ٽرسٽ جي چيئرمين يوسف بٽ، حريت اڳواڻ مشتاق الاسلام، ڊائريڪٽر ڪشمير لبريشن ڪميشن ر??جا سجاد لطيف خان، شوڪت جاويد مير، جاويد احمد مغل، حزب ڪمانڊر محمد اعظم غازي، واپاري اڳواڻ عبدالرزاق خان، ر??جا نثار احمد شائق، ر??جا سجيد خان، محمد عامر، عثمان علي هاشم، ياسر نقوي ۽ هلال احمد فاروقي خطاب ڪيو. جڏهن ته شمشمير خان، مشتاق احمد بت، ماجد احمد شيخ، اقبال اعواڻ، چوڌري مشتاق، اقبال ياسين، چوڌري فيروز دين، علي محمد بٽ، عبدالحميد لون، سردار جاويد ۽ نشاد احمد بٽ خصوصي شرڪت ڪئي. مقررين باباءِ حريت ڏهاڙي ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته باباءِ حريت سيد علي گيلاني جي جد??جه?? کي سلام پيش ڪريون ٿا جنهن رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي ڀارتي قبضي کان آزادي جي لاءِ لازوال جد??جه?? ڪئي. سيد علي گيلاني جي قربانين کي ڪشميري قوم سدائين ياد رکندي. باباءِ حريت ڏهاڙي ريلي کي خطاب ۾ مقررين جو وڌيڪ چوڻ هو ته سيد علي گيلاني جون قربا??يو?? ضايع نه وينديون پوري قوم پنهنجي رياست جي آزادي جي لاءِ ان جي مشن کي جاري رکندي.