اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرد??ري گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جو پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري جي موقعي ت?? پرڏيهي وزارت پهچڻ تي استقبال ڪيو. ان موقعي ت?? پرڏيهي وزارت جا سينيئر عملدار پڻ موجود هئا. بعد ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرد??ري ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪيو. انتونيو گوتريس تباهي آڻين??ڙ ٻوڏ کان متاثر پاڪستان جي عوام سان گهري همدردي ۽ يڪجهتي جي اظهار لاءِ پاڪستان جي دوري ت?? آهي. هو ٻوڏ کان شديد متاثر علائقن جو پڻ دورو ڪندو. ان کان اڳ هن وفاقي گادي و??ري شهر اسلام آباد ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرد??ري سان ملاقات ڪئي.