اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ??ان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود پڻ ملاقات ۾ شريڪ هئا. پرڏيهي وزير ملڪ ۾ ٻوڏ جي تباهين جي ڏس ۾ پا??ستان جي عوام ۽ حڪومت ??ان يڪجهتي جي اظهار لاءِ سيڪريٽري جنرل جي پا??ستان جي وقت سر دوري کي ساراهيو. هن حڪومت جي جاري ردعمل جي پڄاڻي ج?? لاءِ گڏيل قومن جي ”فليش اپيل“ جي ذريعي پا??ستاني عوام ج?? لاءِ عالمي امداد کي متحرڪ ڪرڻ ج?? لاءِ سيڪريٽري جنرل جي ڀرپور ڪردار تي ان جا ٿورا مڃيا. پرڏيهي وزير چيو ته شديد برساتن پا??ستان جي تاريخ جي بدترين قدرتي آفت کي جنم ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ جو ٽيون حصو ٻڏي ويو ۽ 33 ملين کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا. هن چيو ??ه تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ??ان اهم انفراسٽرڪچر ۽ روزگار جي ذريعن کي پڻ زبردست نقصان پهتو آهي. پرڏيهي وزير ان قدرتي آفت کي منهن ڏيڻ ج?? لاءِ حڪومت پاران کنيل قدمن جو ذڪر ڪندي چيو ته چئلينج پا??ستان جي وسيلن ۽ صلاحيتن کان وڌيڪ آهي. هن چيو ته عالمي برا??ري پاران پا??ستان جي مدد هن موسمياتي تباهي جو موثر طريقي ??ان جواب ڏيڻ ۽ پائيدار طريقي ??ان بحالي ۽ نئين سر تعمير ۾ مدد ڪرڻ ج?? لاءِ اهم آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ جاري امدادي ڪمن ??ان گڏوگڏ ڊگهي مدي واري بحالي ۽ نئين سر تعمير ج?? لاءِ گڏيل قومن جي مڪمل حمايت ۽ تعاون کي ورجايو. هن چيو ته اهو نه رڳو عالمي برا??ري جي سخاوت ۽ يڪجهتي جو معاملو آهي پر انصاف جو معاملو آهي. سيڪريٽري جنرل عالمي ماليات کي متحرڪ ڪرڻ ۽ پا??ستان جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ڪوششن ج?? لاءِ مالياتي گنجائش وڌائڻ ج?? لاءِ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پا??ستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي آهي. اسلام آباد ۾ پا??ستاني قيادت ??ان پنهنجي ملاقاتن کانسواءِ سيڪريٽري جنرل ٻوڏ کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ علائقن جو پڻ دورو ڪندو، هو متاثر علائقن ۾ بي گهر ٿيندڙ ماڻهن ??ان ملاقات ۽ امدادي سرگرمين جو مشاهدو ڪندو.