اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) ايشيا پيسفڪ ملڪن جي بين الپارلياماني يونين جي سيمينار جي شرڪت ڪندڙن کي ٻوڏ جي تازين تباهين ۽ ان جي عورتن ۽ ٻارن تي اث??ن جي حوالي سان مختصر دستاويزي پ??وگ??ام ڏيکاريو ويو. پارليام??نٽ هائوس ۾ شرڪت ڪندڙن کي ان دستاويزي پ??وگ??ام ۾ ٻڌايو ويو ته متاثر علائقن ۾ هن آفت سان سوين فوتگيون ٿيون آهن، متاثر علائقن ۾ 90 سيڪڙو بيٺل فصلون تباهه ٿي ويون، ٻوڏ جي ڪري وڏي انگ ۾ عورتن، بيواهن ۽ ٻارن کي مشڪلاتون درپيش آهن، 75 هزار حاملا عورتن کي هن ئي مهيني ٻارن جي پيدائش جي لاءِ سهولتن جي ضرورت آهي، ٻاهرئين امداد کانسواءِ ٻوڏ کان متاثر عورتون بحال نه ٿيون ٿي سگ??ن. ??ستاويزي پ??وگ??ام ۾ ٻڌايو ويو ته ٻوڏ سان 400 ٻار فوت ٿيا، 160 پليون، سوين ڪلوميٽر رستا تباهه ٿيا، متاثر معصوم ٻارن جي چهرن تي مسڪراهٽ ۽ زندگي جي رونق بحال ڪرڻ جي لاءِ ريسڪيو ۽ بحالي جي ضرورت آهي.