نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قو???? جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي چوٿين ڏينهن اعليٰ سطحي مباحثي ۾ شريڪ ٿيندڙن کي خطاب ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا و??گ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قو???? جي هيڊڪوارٽرز پهچندو ۽ يو اين جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي اعليٰ سطحي مباحثي ۾ شريڪ ٿيندڙن کي خطاب ڪندو. بعد ۾ وزيراعظم پنهنجي هالينڊ جي هم منصب مارڪ رٽي سان ملاقات ۾ ٻطرفن معاملن تي ڳالهيُون ڪندو. منجهند جو وزيراعظم سان ملالا فنڊ جي شريڪ باني ملالا يوسفزئي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آمريڪي ڪانگريس جي عورت ميمبر شيلا جيڪسن ??ي سان زوم ملاقات ۾ به شريڪ ٿيندو. شام جو وزيراعظم آمري??ا ۾ پنهنجي پنجن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ لنڊن روانو ٿي ويندو.