ڪراچي – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) مواصلات ۽ پوسٽل سروسز واري وفاقي وزير مولانا اسعد محمود چيو آهي ته سکر حيدرآباد مو??رو?? جلدي تيار ڪري سنڌ جي عوام کي وڏو تحفو ڏينداسين، اي?? اي?? اي اختياريون قومي شاهراهن جي بحالي ۾ مصروف آهن، هاءِ ويز تي ٽريفڪ جي رواني کي برقرار رکڻ لاءِ مو??رو?? پوليس الرٽ آهي. انهن خيالن جو اظهار هن سنڌ ۾ ٻوڏ جي ص??رت??ال، سکر حيدرآباد مو??رو?? قائم ڪرڻ جي حوالي سان ڪمشنر آفس حيدرآباد ۾ اهم ترين جائزه اجلاس دوران ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه، سيڪ??يٽ??ي مواصلات ڪيپٽن خرم آغا، علامه راشد سومرو، شرجيل انعام ميمڻ، صوبائي وزير، اي?? اي?? اي اختياريون، مو??رو?? پوليس ۽ بين ادارن جا نمائندا شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ سکر حيدرآباد مو??رو?? جلدي ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اجلاس ۾ سنڌ ۽ وفاقي حڪومت جو گڏيل جدوجهد سان شاهراهن کي ڏينهن رات هڪ ڪري بحال ڪرڻ تي پڻ اتفاق ٿيو. اجلاس ۾ اي?? اي?? اي اختيارين سنڌ ۾ ٻوڏ جي ص??رت??ال تي بريفنگ ڏني جڏهن ته مو??رو?? پوليس ٽريفڪ جي رواني بابت بريفنگ ڏني. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اي?? اي?? اي جي قدمن جي ساراهه ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ سبب وڏي پيماني تي نقصان ٿيو آهي، صوبائي ۽ قومي شاهراهه شديد متاثر ٿيا آهن جن جي بحالي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. مواصلات واري وفاقي وزير چيو ته سکر حيدرآباد مو??رو?? جلدي تيار ڪري سنڌ جي عوام کي وڏو تحفو ڏينداسين. هن چيو ته قومي ۽ صوبائي شاهراهن جي بحالي اي?? اي?? اي جي پهرين ترجيع آهي ۽ اي?? اي?? اي اختياريون قومي شاهراهن کي بحال ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيون آهن. مولانا اسعد محمود چيو ته سمورا وسيلا استعمال ڪري رهيا آهيون پر انهن ڪوششن کي تيز ڪرڻ لاءِ صوبائي حڪومت جو پڻ سهڪار گهربل آهي، گڏيل ڪوششن سان ان ذميواري کي جلدي پورو ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته هاءِ ويز تي ٽريفڪ جي رواني کي برقرار رکڻ لاءِ مو??رو?? پوليس الرٽ آهي.