اسلام آباد – 30 سيپٽمبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امداد ۽ پائيدار بنيادي ڍانچي جي تعمير جي سرگرمين ۾ مدد لاءِ 2 ارب ڊ??لر کان وڌيڪ جي سهڪار جي من??وري ڏيندي. اها ڳالهه ايشيائي ترقياتي بينڪ جي مرڪزي ۽ اولهه ايشيا جي ڊائريڪٽر جنرل يوجين زوڪوف منيلا ۾ ورچوئل پر??س ڪانفرنس ۾ ٻڌائي. هن پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ ۽ طوفاني برساتن سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي همدردي ۽ ڏک جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته بينڪ اڳ ۾ ئي خوراڪ جي فراهمي ۽ خيمن جي فوري خريداري لاءِ 30 لک ڊالر جي گرانٽ فراهم ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته انتهائي ضروري فوري امداد، متاثر علائقن ۾ بح??لي ۽ نئين سر تعمير لاءِ 500 کان 700 ملين ڊالر جو پيڪيج پڻ ڏنو پيو وڃي جنهن جي من??وري هلندڙ سال جي آخر ۾ ڏني ويندي. هن چيو ته ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان ۾ معاشي طور تي ڪمزور طبقن تي خوراڪ جي وڌندڙ قيمتن ۽ ٻين ڏکيائين جي اثرن کي گهٽائڻ لاءِ وڌيڪ 1.5 ارب ڊ??لر جي ڪائونٽر سائيڪليڪل سپورٽ تي ڪاروائي ڪري رهي آهي.