اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف کي ماحولياتي تب??يل??ن جو معاملو موثر طريقي سان اجاگر ڪرڻ تي گڏيل قومن جي ماحولياتي تب??يل??ن ۽ مسئلن جي ح?? بابت تنظيم (سي او پي – 27) جي نائب صدارت ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، گڏيل قومن جي 195 ملڪن مان پاڪستان جي وزيراعظم کي ان عهدي جي لاءِ چونڊڻ تمام وڏو عالمي اعزاز آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ڪانفرنس آف پارٽيز (سي او پي – 27) جي اجلاس جي ناروي جي وزيراعظم، مصر جي صدر سان گڏ گڏيل صدارت ڪندو. اهو اجلاس شرم الشيخ مصر ۾ 6 کا?? 18 نومبر تي ٿيندو. واضح رهي ته هن وقت سي او پي 27 جي صدارت مصر وٽ آهي. مصر جي صدر عبدالفتاح السيبي وزيراعظم شهباز شريف کي سي او پي 27 اجلاس جي گڏيل صدارت جي دعوت ڏني آهي. اجلاس ۾ عالمي سربراهن، حڪومتن جي سربراهن، عالمي مالياتي ادارن ۽ ٿنڪ ٽينڪس جا ذميوار شرڪت ڪندا. گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ ماحولياتي تب??يل??ن جي مسئلن ۽ ان جي ح?? جي ح??الي سان هي 27 هون اجلاس هوندو. وزيراعظم شهباز شريف جي ماحولياتي تب??يل??ن جي ح??الي سان پراثر آواز تي ان کي اهو عهدو ڏنو ويو. تازي ٻوڏ کا??پوءِ وزيراعظم شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ملڪي ۽ حڪومتي سربراهن جي ڪائو??سل ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ ماحولياتي تب??يل??ن تي موثر آواز اٿاريو هو. ماحولياتي تب??يل??ن جي مسئلي کي ”ايس سي او تنظيم جي سطح تي اٿارڻ جي وزيراعظم شهباز شريف جي تجويز جي ٻين ملڪن تائيد ڪئي هئي. شنگهائي تعاون تنظيم جي ملڪي ۽ حڪومتي سربراهن جي ڪائو??سل جو اجلاس 15 کا?? 16 سيپٽمبر تي ثمرقند ۾ ٿيو هو.