اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آه?? ته پاڪستان ۽ هنگري ??ي وچ ۾ ٻطرفي واپار جي ڪاٿي کي 50 ملين ڊالر جي موجوده سطح کان وڌائي 150 ملين ڊالر تائين وٺي وڃڻ جي ضرورت آه?? ته جيئن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار، ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري ??ي مڪمل امڪانن کي استعمال ۾ آڻي سگهجي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ??يان موجب صدر اها ڳالهه هنگري ۾ پاڪستان جي نامزد سفير آصف حسين ميمڻ سان ڳالهائيندي چئي جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن هنگري ۽ پاڪستان جي نجي شعبن جي وچ ۾ زراعت، عمودي آبادگاري، روبوٽڪس، انفارميشن ٽيڪنالاجي، واٽر مئنيجمينٽ، فلڊ واٽر مئنيجمينٽ، فصل جي انشورنس ۽ اعليٰ پيداوار رکندڙ ٻجن جي تياري ??ميت مختلف شعبن ۾ ممڪن گڏيل منصوبن جي لاءِ رابطا پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته هنگري ??ان تعاون جا وسيع امڪان موجود آه??. صدر چيو ته هنگري پاران پاڪستاني شاگردن کي ڏني ويندڙ وظيفن جي مڪمل استعمال ڪرڻ جي ضرورت آه??، هنگري پاران مستقبل ۾ پاڪستاني شاگردن جي لاءِ 200 اسڪالرشپس جي ايوارڊ کي وڌائي 400 ڪرڻ جو امڪان آه??، جنهن مان فائدو کڻڻ گهرجي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته هنگري ۾ تعليم يافته ۽ تربيت يافته پاڪستاني انساني وسيلن کي واپس پاڪستان طرف راغب ڪرڻ جي لاءِ هڪ طريقيڪار جوڙڻ گهرجي. صدر پاڪستان جي جي ايس پي پلس اسٽيٽس جي لاءِ هنگري ??ي حڪومت جي حمايت کي پڻ ساراهيو. هن چيو ته نامزد سفير پاڪستان جي حقيقي تشخص، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خلاف پاڪستاني قوم جي قربانين سان گڏوگڏ ڀارت ۾ اقليتن جي خلاف ??ين??ڙ امتيازي سلوڪ، ڌمڪين ۽ تشدد کي پڻ اجاگر ڪري. صدر چيو ته هندوتوا جي فلسفي ۽ ڀارت ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آه?? ڇو ته ان سان مسلمانن جي جان ۽ مال خطري ۾ آه??.