اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان جنيوا ۾ ٿيندڙ ”انٽرنيشنل ڪان??رن?? آن ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پاڪستان“ ۾ اسٽريٽجڪ پاليسي ۽ ترجيحي دستاويز تي ٻڌل ريزيليئنٽ?? ريڪوري، بحالي ۽ نئين سر تعمير جو فريم ورڪ (آر ايف 4) پيش ڪندو، ڀارت جو مسلسل پاڪستان مخالف بيانيو پاڪستان جي سرزمين تي دهشتگردي کي هوا ڏيڻ ۾ ان جي ڍٽائي سان ملوث هجڻ کي لڪائي نه ٿو سگهي، ٻين تي آڱريون کڻڻ بدران ڀارت کي پاڻ دهشتگردي، تخريبڪاري ۽ پاڪستان جي خلاف جاسوسي ۾ ملوث ٿيڻ کي بند ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هفتيوار پريس بريفنگ دوران ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان 9 جنوري تي جنيوا ۾ ٿيندڙ ”انٽرنيشنل ڪان??رن?? آن ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پاڪستان“ ۾ اسٽريٽجڪ پاليسي ۽ ترجيحي دستاويز ريزيليئنٽ ريڪوري، بحالي ۽ نئين سر تعمير جو فريم ورڪ (آر ايف 4) پيش ڪندو، آر ايف 4 پاڪستان حڪومت جي ??ڪ اسٽريٽجڪ پاليسي ۽ ترجيحي دستاويز آهي جيڪو تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ??اءِ ريزيليئنٽ ماحول پيدا ڪرڻ ۾ رهنمائي ڪندو، ان ۾ بعد از قدرتي آفت جائزي جي بنياد تي نتيجا اخذ ڪيا ويا آهن، ان ۾ چار اسٽريٽجڪ مقصدن جي چوگرد شعبن ۾ ترتيب ۽ ترجيحيون پيش ڪيون ويون آهن. هن چيو ته آر ايف 4 دستاويز ۾ پاليسي فريم ورڪ، مالياتي حڪمت عملي ۽ نفاذ ۽ نگراني جو طريقيڪار پيش ڪيو ويو آهي، ان ۾ ترقياتي حصيدارن جي تعاون سان کليل، شفاف ۽ گڏيل تعاون سان ان کي لاڳو ڪرڻ جي ??اءِ اداراجاتي انتظام پڻ شامل آهن. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس جي گڏيل صدارت ۾ اهو اعليٰ سطحي افتتاحي اجلاس ٿيندو جتي مختلف ملڪن جا اڳواڻ ان جي حمايت ۾ خطاب ڪندا. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪان??رن?? ۾ پنهنجي خطاب ۾ موسمياتي ريزيليئنٽ، بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ??اءِ پاڪستان جي ??يزن جو خاڪو پيش ڪندو. هن چيو ته هي ڪان??رن?? پاڪستان جي ??وڏ کان متاثر ماڻهن جي ??اءِ عالمي برادري جي ??سلسل حمايت جو مظهر هوندي. ڀارتي پرڏيهي وزير پاران پاڪستان تي بي بنياد ۽ فضول الزامن جي سلسلي جو حوالو ڏيندي هن چيو ته اهي بيان هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان کي بدنام ڪرڻ ۽ اڪيلو ڪرڻ ۾ ناڪامي تي ڀارت جي ??ڌندڙ مايوسي جي عڪاسي ڪن ٿا، پاڪستان سان ڀارت جو جنون ناقابل فهم ۽ کل جوڳو آهي، ڀارت جو مسلسل پاڪستان مخالف بيانيو پاڪستان جي سرزمين تي دهشتگردي کي هوا ڏيڻ ۾ پنهنجي ڍٽائي سان ملوث هجڻ کي لڪائي نه ٿو سگهي ۽ نه ئي اهو ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄ??ون ۽ ڪشمير ۾ رياستي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي حقيقت کي لڪائي سگهي ٿو. هن چيو ته ٻين تي آڱريون کڻڻ بدران ڀارت کي پاڻ دهشتگردي، تخريبڪاري ۽ پاڪستان جي خلاف جاسوسي ۾ ملوث ٿيڻ کي بند ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پهرين جنوري تي پاڪستان ۽ ڀارت ائٽمي تنصيبات ۽ تنصيبات جي ??هرستن سان گڏوگڏ هڪ ٻئي جي تحويل ۾ قيدين جي ??هرستن جي ??ٽاسٽا ڪئي. 2022ع دوران ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄ??ون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کي اجاگر ڪندي ترجمان چيو ته ڀارتي فورسز مبينا طور تي 214 ڪشميرين کي قتل ڪيو، انهن مان 57 حراست ۾ آهن يا فرضي مقابلن ۾ شهيد ڪيا ويا، رڳو گذريل هفتي ڄ??ون جي سڌرا ڳوٺ ۾ هڪ فرضي مقابلي ۾ 4 ماڻهو شهيد ڪيا ويا، اهڙا ئي اطلاع آهن ته لاشن کي سڃاڻڻ کانسواءِ ساڙيو ويو، اسان انساني حقن جي عالمي مشينري ۽ تنظيمن کان مطالبو ڪريون ٿا ته اهي ان سانحي جو نوٽيس وڍن. تازن انگن اکرن موجب 4000 کان وڌيڪ ڪشميري والاريل واديءَ ۽ ڀارت جي ??ختلف جيلن ۾ قيد آهن. هن چيو ته والاريل ڄ??ون ۽ ڪشمير ۾ سياسي قيدين ۽ انساني حقن جي سرگرم ڪارڪنن کي نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ انهن کي قيد ۾ رکيو پيو وڃي، مزاحمتي اڳواڻ جن ۾ ڪل جماعتي حريت ڪان??رن?? جي چيئرمين مسرت عالم ڀٽ، محمد ياسين ملڪ، شبير احمد شاهه، نعيم احمد خان، آسيه اندرابي ۽ انساني حقن جي ??اليواري اڳواڻ خرم پرويز جعلي ڪيسن ۾ مسلسل نظربند رهيا، 2002ع ۾ ڪشميرين کي مذهبي آزادي ۽ اجتماع جي حق جو استعمال ڪرڻ کان به روڪيو ويو هو ڇو ته ڀارتي عملدارن والاريل ڄ??ون ۽ ڪشمير ۾ مذهبي اجتماعات ۽ جمعي جي ??ماز تي بار بار پابندي هنئي، انهن حقن کي ياد رکڻ خاص طور تي اهم آهي اڄ جڏهن اسان ڄ??ون ۽ ڪشمير جي ??اڻهن جي خودمختياري جي حق جو ڏينهن ملهائي رهيا آهيون. هن افسوس ظاهر ڪيو ته والاريل ڄ??ون ۽ ڪشمير جا مظلوم ماڻهو ان حق کي استعمال نه ڪري سگهيا، هي ڏينهن عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومن کي ڄ??ون ۽ ڪشمير جي عوام سان 74 سال اڳ ڪيل پنهنجي ??اعدي کي پورو ڪرڻ ۽ انهن جي خودمختياري جي حق جي جدوجهد جي حمايت ڪرڻ جي ضرورت جي ??اد ڏياري ٿو. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??اڳاپيل قراردادن موجب خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي ??اءِ ڄ??ون ۽ ڪشمير جي عوام جي بنا ڪنهن فرق اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.