اسلام آباد-25 جنوري (اي پي پي) پاڪستان جي قومي سلامتي جي ادارن جي وڏي ڪاميابي، انڊيا جي هڪ ٻئي فالس فليگ آپريشن جو منصوبو ظاهر ڪيو ويو، ڀارتي يومِ جمهوريه جي موقعي تي والاريل ڪشمير ۾ مبينه دراندازي جو ڊرامو لائن آف ڪنٽرول جي پونچ سيڪٽر ۾ پلان ڪيو ويو، پاڪستان انٽ??لي??نس ادارن ڀارتي منصوبي جي ٽن اهم ڪردارن جو پڻ پتو لڳائي ورتو، انڊيا جي 93 انفينٽري برگيڊ جو ايجنٽ بشر ۽ ٻه ساٿي عالم، اسلم فالس فليگ آپريشن جا مرڪزي ڪردار آهن. ڀ??وس?? جوڳن ذريعن مطابق پاڪستان جي انٽ??لي??نس ادارن جي وڏي ڪاميابي، مودي سرڪار جي نئين ڊرامي جو پورو اسڪرپٽ حاصل ڪري ورتو. ڀارتي يومِ جمهوريه جي موقعي تي والاريل ڪشمير ۾ مبينه دراندازي جو ڊرامو تيار ??يو ويو آهي. منصوبي تحت بشير ڪجهه مقامي ماڻهن کي استعمال ڪري جشڪوال، آزاد ڪشمير سائيڊ کان بم يا آءِ ڊيز لڳائي والاريل ڪشمير ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪرڻي آهي. ڪنهن مسجد جي ويجهو ان ڪارروائيءَ کي ناڪام بڻائي ڏيکاريو ويندو. منصوبي تحت ڀارتي فوج ۽ پوليس جعلي برآمدگي پڻ ظاهر ڪندي. ڊي ايس پي پر??شنا ان فالس فليگ آپريشن کي سپروائيز ڪري رهيو آهي، منصوبي ۾ 93 برگيڊ جي ڊوگر ارجمنٽ جي جٿن کي گهات لڳائي جعلي ريڪوري ڏيکارڻي آهي. فالس فليگ آپريشن جو مقصد والاريل ڪشمير ۾ دراندازيءَ جو الزام لڳائي دنيا ۾ پر??پيگنڊا ڪرڻ آهي، پاڪستاني انٽ??لي??نس ادارن سڄو منصوبو اڳواٽ بي نقاب ڪري مودي سرڪار ??ي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو.