اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمر??ن خان جو اهو الزام دفن ٿي ويو آهي ته نگران حڪومت شفاف ۽ غيرجانبدار چونڊون نه ٿي ڪرائي سگهي، 2018ع ۾ اين اي 193 ۾ مسلم ليگ (ن) جو ڪو چونڊ اميدوار نه هو، گذريل ڏينهن پهريون ڀيرو ان تڪ مان 53 هزار ووٽ حاصل ڪيا ??نهن تي پنهنجي ووٽرز جا ٿو??ا مڃون ٿا ته انهن مسلم ليگ (ن) تي پنهنجي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اڃا اڳتي ڏسو ته ڇا ٿو ٿئي، گهڙيءَ چور فتنو کٽي وڃي ته فتح جو جشن ۽ هارائي وڃي ته اليڪشن ڪميشن ٻاهران ڌ??ڻو ۽ الزام. عمر??ن خان جو اهو الزام دفن ٿي ويو آهي ته نگران حڪومت شفاف ۽ غيرجانبدار چونڊون نه ٿي ڪرائي سگهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اها وڏي ڪاميابي آهي جنهن جو عمر??ن خان اعتراف ڪري ورتو آهي. هن چيو ته هڪ سيٽ جي ووٽ سان عدالت تي دٻاءُ وجهندا، ڌمڪي ۽ گاريون ڏيندا؟ فيصلو توهان جي حق ۾ نه آيو ته عالمي سازش چيف جسٽس تائين پهچي ويندي. هن چيو ته عوام ملڪ ۾ انصاف چاهي ٿي، نظريه ضرورت نه.