اسلام آباد- 17 مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ?? روڊ ٽو مڪه پراجيڪٽ جي حوالي سان مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪرڻ لاءِ وزي??اع??م هائوس ۾ تقريب منعقد ٿي. وزي??اع??م شهباز شريف پڻ شرڪت ڪئي. پاڪستا?? طرفان گهرو وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله خان جڏهن ته سعودي عرب طرفان سعودي نائب دفاع وارو وزير ڊاڪٽر ناصر بن عبدالعزيز مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون. معاهدو حج پانڌيئڙن جي اميگريشن جي عمل کي آسان ۽ هموار ڪرڻ ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندو. مذهبي معاملن ??ارو وفاقي وزير سينيٽر طلحه محمود، منشيات جي خاتمي وارو وفاقي وزير شاهه زين بگٽي ۽ گهرو معاملن ??ارو مملڪتي وزير عبدالرحمان ڪانجو ۽ ٻيا عملدار به ان موقعي تي موجود هئا.