اسلام آ??اد-03 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ س??ڙپڪاري تي حڪومت طرفان مڪمل سه??ار جي خاطري ڪرائي آهي. وزيراعظم آفيس طرفان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف اها ڳالهه ترڪيه جي دوري دوران انقره ۾ دولسار انجنيئرنگ ??ي چيئرمين عرفان آڪر سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ دولسار انجنيئرنگ ??ي جاري توانائي ۽ تعميراتي منصوبن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. عرفان آڪر پاڪستان ۾ توانائي ۽ تعميراتي شعبي ۾ س??ڙپڪاري وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم دولسار انجنيئرنگ ??ي پاڪستان ۾ س??ڙپڪاري وڌائڻ ۾ دلچسپي جي آجيان ڪئي ۽ حڪومت طرفان ان حوالي سان مڪمل سه??ار جي خاطري ڪرائي. ملاقات ۾ سڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، خاص مددگار طارق فاطمي ۽ پاڪستان جو ترڪيه ۾ س??ير ڊاڪٽر يوسف جنيد به شريڪ هئا.