اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري فيصل آباد جي سينيئر پارٽي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ايم اين اي شهادت علي خان بلوچ جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته شهادت علي خان بلوچ جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي صدمو پهتو، هو وڏي خوبين وارو اڳواڻ هو. هن چيو ته مر??وم شهادت علي خان بلوچ جي پارٽي جي لاءِ خدمتن کي ڪڏهن به نه وساريو ويندو. هن چيو ته سوڳوار خاندان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ ??هيان، الله تعاليٰ انهن کي صبر جميل عطا فرمائي، الله تعاليٰ شهادت علي بلوچ مر??وم جي مغفرت فرمائي ۽ ان کي جنت الفردوس ۾ جڳهه ڏي.